يروشلم (م ڊ) يهودين جي تاريخي ڏينهن ”يوم ڪپور“ تي حماس اسرائيل تي راڪيٽ حملن جي ڀرمار ڪري ڇڏي، جنهن سبب 100 کان مٿي اسرائيلي شهري مارجي ويا آهن جڏهن ته اسرائيل جي جوابي حملن ۾ ٻه سئو فلسطيني به شهيد ٿي ويا آهن. فلسطيني مزاحمتي تنظيم ۽ غزا جي حڪمران جماعت حماس آپريشن طوفان الاقصيٰ جو اعلان ڪندي اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 100 کان مٿي اسرائيلي مارجي ويا ۽ 750 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزا مان اسرائيل تي 5 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ ڪيترائي فلسطيني مجاهد اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا، جتي انهن جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي فوجين سان چڪريون ٿي رهيون آهن. مجاهدن 35 اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، ڪيترين ئي اسرائيلي فوجي گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪيتريون ئي ٽينڪون پڻ تباهه ڪري ڇڏيون. حماس جي فوجي ونگ القسام بريگيڊز جي سربراهه ڪمانڊر محمد الضيف ”ابو خالد“ آپريشن طوفان الاقصيٰ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو حملو اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ ۾ مسلسل شرپسندي ۽ فلسطينين تي ظلمن جو جواب آهي. راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسرائيل کي وڏو مالي نقصان به ٿيو آهي، اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دونهون ڪڪرن تائين وڃي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ اسرائيلي فوج جنگ جي حالت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيلي حڪومت غزا ۾ به بمباري جو فيصلو ڪيو آهي. والاريل فلسطين جي آبادين ۾ فلسطيني نوجوان حماس جي مجاهدن جي آجيان ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته غزا سان اسرائيلي سرحد تي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ حماس اهو حملو ڪيو آهي. اسرائيلي دفاعي قوتن تصديق ڪئي آهي ته فلسطيني ويڙهاڪن حملن کانپوءِ ڪيترن ئي اسرائيلي شهرين ۽ فوجين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي، پر اڃا تائين تعداد جي تصديق ناهي ڪئي وئي. عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حماس ويڙهاڪن اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل نمرود الوني کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. حماس جا هٿيار بند اسرائيل جي گهٽي گهٽي ۾ ڪاهي پيا، ٽئنڪون تباهه ڪيون ويون. ان دوران حماس طرفان راڪيٽ حملن کانپوءِ غزه جي پٽي ۾ راڪيٽ حملن جي جواب ۾ اسرائيل به هدفن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. بين الاقوامي ڪميٽي آف ريڊ ڪراس (ICRC) تڪراري پارٽين تي زور ڀريو آهي ته انسانيت جي قانون تحت قانوني ذميدارين جو احترام ڪن” ۽ يقيني بڻائين ته عام شهرين ۽ طبي عملي کي تحفظ ڏنو وڃي. اسرائيلي ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته فلسطيني ويڙهاڪ گروپ حماس ڪجهه اسرائيلي شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. ابو حمزه کان ٽيليگرام تي هڪ بيان، جيڪو شدت پسند گروپ القدس برگيڊز جو ترجمان هجڻ جي دعويٰ ڪئي، چيو ته "انهن جي ويڙهاڪن ڪيترن ئي اسرائيلي سپاهين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي.”يروشلم ۾ بي بي سي جي وچ اوڀر جي بيورو چيف جو فلٽو جو چوڻ آهي ته اهو ڪيترن ئي اسرائيلين لاءِ خوفناڪ منظر آهي. "اسان سمجهون ٿا ته حماس ڪيترن ئي فوجي ۽ سولين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.”