حملن سان عرب ۽ اسرائيل ۾ وڌندڙ لاڳاپن جو عمل رڪجي ويو

ڪراچي(م ڊ) اسرائيل تي حماس جي حملن  بابت تجزئي نگارن چيو آهي ته هنن حملن سان عرب اسرائيل لاڳاپا متاثر ٿيندا، عرب ۽ اسرائيل ۾ وڌندڙ لاڳاپن جو عمل رڪجي ويو آهي. دفائي تجزئي نگار ماريا سلطانا موجب اسرائيل جي وچ اوڀر سان وڌندڙ لاڳاپن ۾ رنڊڪ وڌي وئي آهي. هن جنگ جو دنيا جي سياسي توڙي معاشي ميدان تي اثر پوندو. عرب امارتن ۽ اسرائيل جي ناتن تي به اثر پوندو. اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته حماس وچ اوڀر کي پيغام ڏنو آهي ته کين سندن مدد ۽ هٿيارن جي ضرورت ناهي.  سعودي عرب کي خاص پيغام آهي ته هو اسلامي دنيا جي اڳواڻي ڪري ٿو ته اسلامي دنيا جي مسئلن کي به ڏسي.  ايران ۽ سعودي عرب ۾ ويجهڙائپ جو عمل به سست ٿي سگهي ٿو. سعودي عرب لاءِ اسرائيل سان ويجهڙائپ جي رفتار کي روڪيندو. هن چيو ته حماس اسرائيلي ظالماڻين پاليسين جو ردعمل آهي. هي جنگ آساني سان ختم نه ٿيندي. ايران ۽ اسرائيل جي تعلقاتن تي اثر پوندو. اسرائيل جي وچ اوڀر سان وڌندڙ لاڳاپن ۾ رنڊڪ وجهندو .عرب امارتن ۽ اسرائيل جي ناتن تي به اثر پوندو. عرب امارتن لاءِ امتحان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.