امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ  قيدياڻي نرگس محمدي 

تحرير: لجپت راءِ

نرگس محمدي هن وقت جيل ۾ قيد آهي ۽ هن جو ضمير مطمئن آهي، ڇوته هوءَ ضمير جي قيدياڻي هجڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حقن جي علمبردار آهي. هن هڪ اهڙي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي جتي عورت کي ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جي به اجازت ناهي. سونهن جي حوالي سان خوبصورت ان ملڪ ۾ سونهن تي سرڪاري سطح تي راتاها لڳل آهن. هي ملڪ ڄڻ عورتن لاءِ ممنوع (prohibited country) هجي. عورتن جي آزادي ۽ حقن لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ ايران جي ايون جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ عورت نرگس محمدي جي چهري تي اڄ فاتحانه مرڪ تري آئي هوندي ۽ هن جي اندر به  اڇل کاڌي هوندي. سرڪاري طور ٽارچر ٿيل هن جي چور جسم ۾ شڪتي به آئي هوندي. هن جا گهنگهريالو وار سلاخن مان ايندڙ هوا جي جهوٽي تي اڏيا هوندا ۽ ساٿي قيدياڻين ان کي امن جو نوبل انعام ملڻ تي مبارڪون ڏنيون هونديون، تڏهن نرگس محمدي سچ پچ نرگس گل وانگي ٽڙي پئي هوندي. هن جي چهري جي ٻهڪ ڪاري ڪوٺڙي جي اونداهي تي مات ثابت ٿي هوندي.

2010ع ۾ امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ شيرين عبادي جي ساٿياڻي نرگس محمدي به امن جي پيامبر بڻجي ايران جي گهٽي گهٽي ۾ عورتن جي آزادي جا نعرا ماريا ۽ ان ئي ڏوهه ۾ هن جي اڌ وهي جهڙوڪر جيل جي سلاخن پويان گذري. نرگس محمدي شيرين عبادي جي قائم ڪيل انساني حقن جي علمبردار تنطيم defender of the human rights centre (d h r c) جي نائب صدر پڻ آهي، جنهن جا حوصلا جيل ۾ هجڻ باوجود خميني جي نظريي آڏو جهڪيا ناهن . اڄ جڏهن نرگس محمدي ٻاونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 2023ع جو امن جو نوبل انعام ماڻيو آهي تڏهن مونکي سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جي هڪ نظم جون سٽون ياد اچي رهيون آهن ته “خميني تون هن دور جي ايش ٽري ۾ سڙيل رک آهين” ۽ سچ ته اڄ هن جديد دور ۾ ايران ۾ خميني جو نظريو “رک” ئي نظر اچي رهيو آهي.

ايران ۾ شهنشاهه ناصرالدين قاچار جي دور ۾ ملا صالح محمد جي باغي ڌيءَ ۽ البيلي شاعره قرت العين طاهره کي ڦوهه جواني ۾ ڳچي ۾ رومال وجهي موت جي ننڊ سمهارڻ کان وٺي نرگس محمدي کي قيد ڪرڻ تائين عورتن سان متڀيد جي هڪ ڊگهي وارتا آهي. فارسي جي بلبل جهڙي شاعره قرت العين طاهره علي محمد باب جي نظريي جي اڻ لکي عاشق هئي. جيئن هند ۾ ميران ڪرشن کي اڻ ڏٺي پنهنجي اکين جو تارو بڻائي ڪويتا جا واهڙ وهايا. قرت العين ايران ۾ علي محمد باب جي نظريي جو پرچار ڪيو. هي حسين ۽ جميل عورت جڏهن ڳالهائيندي هئي ته ماڻهو هن جا هٿ چمي ايمان ڇڏي ڏيندا هئا. هي جتي ڳالهائيندي هئي اتي ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويندا هئا. علي محمد باب جو پرچار ڪرڻ تي قرت العين تي واجب القتل جون فتوائون صادر ٿيون. چون ٿا ته پنجويهه سالن جي ڦوهه جواني ۾ گرفتار ڪري جڏهن هن کي قتل ڪرڻ لاءِ وقت جي شهنشاهه جي اڳيان آندو ويو ته قرت العين جو حسن ڏسي هن جي هٿ مان تلوار ڪري پئي. شهنشاهه صرف ايترو چيو ته “مان هن کي قتل نٿو ڪري سگهان ” قرت العين طاهره کي شهنشاهه جي واٺن بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيو ۽ ائين جلادن هٿان سونهن جي ديوي موت جي ننڊ سمهاري وئي.

قرت العين طاهره جي ديس ايران ۾ اڄ به عورت آزاد ناهي. ايران جي ان ڌنڌلي عڪس خلاف جيڪو به آواز بلند ڪري ٿو ان لاءِ سزا ڦاهي ۽ جيل آهي. انساني حقن جي عالمي رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون ايران ۾ ڏنيون وينديون آهن. خاص طور تي عورتون وڌيڪ عتاب هيٺ آهن. ايران ۾ خانم گگوش وانگر مرڪڻ جي سزا موت آهي ۽ ان موت آڏو ٽڪر وانگر ٽڪرائيندڙ نرگس محمدي پڻ آهي جيڪا اڄ جيل جي سلاخن پٺيان نئين سج نروار ٿيڻ جا سپنا اڻي رهي آهي.هن جي اک مان اڄ هڪ خوشي جو آنسو ڪريو هوندو.

امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ نرگس محمدي جي عورتن جي آزادي لاءِ جدوجهد جي ڪٿا ايتري ئي ڊگهي آهي  جيترو هن جي مٿان ايراني سرڪار جو ڏمر رهيو. نرگس محمدي 21اپريل 1972ع ۾ ايران جي علائقي زنجان ۾ پيدا ٿي. هي قورويهه، ڪاراج ۽ اوشناويهه جي علائقن ۾ بانبڙا پائي وڏي ٿي. هن امام خميني يونيورسٽي مان فزڪس جي ڊگري حاصل ڪئي. هي سائنسدان هجڻ سان گڏوگڏ سماجي ورڪر، صحافڻ ۽ بهترين ليکڪا پڻ آهي. نرگس محمدي ايران ۾ نرگس گل وانگر ٽڙندڙ ۽ مک تي مرڪ سجائي هلندڙ نارين تي حجاب جي پابندي خلاف جدوجهد ڪئي.هن ايران ۾ ڦاهين جي سزا ۽ عورتن سان انياءَ خلاف علم بلند ڪيو ته ايراني سرڪار جا ڏند کٽا ٿي پيا ۽ جدوجهد جي ڏوهه ۾ هن جو شباب سدائين عتاب ۾ رهيو. هي پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ايراني حڪومت تي تنقيد ڪرڻ تي گرفتار ٿي ۽ هڪ سال جيل ۾ رهي. 2010ع جي اپريل مهيني ۾ شيرين عبادي جي تنطيم (ڊي ايڇ آر سي) جي ميمبر ٿيڻ جي ڏوهه ۾ اسلامڪ رووليوشنري ڪورٽ هن خلاف سمن جاري ڪيا ۽ هن کي 11 سالن جي سزا ٻڌائي وئي. هن جي اپيل تي عدالت اها سزا 6 سال ڪئي ۽ ٻيهر 26 اپريل تي گرفتار ڪئي وئي. هن جي گرفتاري تي عالمي سطح تي آواز بلندٿيو. انساني حقن جي تنظيمن هن جي گرفتاري تي سخت احتجاج ڪيو ۽ 31 جولاءِ 2012ع تي هن کي آزاد ڪيو ويو. نرگس محمدي عورتن جي حقن لاءِ اخبارن ۾ مضمون لکيا ۽ هن جرنسلٽ طور مختلف اخبارن ۾ ڪم پڻ ڪيو. هي شاگردن جي سياسي گروپ ۾شموليت جي ڏوهه ۾ جيل جي قيدياڻي ٿي وئي. هن جو هڪ ڪتاب the reformers،the strategy and the tactics به شايع ٿيل آهي.

نرگس محمدي 1999ع ۾ صحافي تغي رحماني سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي وئي جيڪو پوءِ سگهو ئي گرفتار ٿي ويو. تغي رحماني 14 سال جيل جي سزا ڪاٽڻ بعد 2012ع ۾ فرانس هليو ويو ۽ هن وقت به پئرس ۾ رهي ٿو. جنهن پنهنجي گهر واري نرگس کي امن جو نوبل انعام ملڻ تي چيو آهي ته “هي انعام ايران سميت سڄي دنيا جي عورتن جي آزادي جو انعام آهي”. 2014ع ۾ آڪٽوبر مهيني جي 31 تاريخ تي نرگس محمدي ستار بهشتي جي قبر تي تقرير ڪئي ۽ ان جي وڊيو وائرل ٿي وئي، 5 مئي 2015 ع تي نرگس کي گرفتار ڪيو ويو.هي 27 فيبروري 2021ع ۾ آزاد ٿي. هن جي اندر جي آنڌ مانڌ هن کي ماٺ رهڻ نه ڏنو. هن جي اڏولتا هٿڪڙين ۾ تهائين مضبوط ٿيندي وئي. 2019ع ۾ احتجاج دوران ايراني فورسز هٿان مارجي ويل ابراهيم ڪيتابدر جي ياد ۾ 16نومبر 2021ع ۾ ڪاراج ۾ ميڙاڪي ۾ هن جي شرڪت ايراني سرڪار کي وري مڇرائي وڌو ۽ هن کي گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. جيل ۾ عورتن سان ناروا سلوڪ بابت هن جي رپورٽ ڊسمبر 2022ع ۾بي بي سي شايع ڪئي. هن قيدياڻين عورتن جي انٽرويوز تي مشتمل (white torture) نالي ڪتاب پڻ لکيو آهي. هن ايون جيل اندر ساٿي قيدياڻين سان گڏ بک هڙتالون پڻ ڪيون. عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي هن کي ڪيترائي عالمي ايوارڊ مليا. 2009ع ۾ هن کي پهريون ڀيرو اليگزينڊر لينجر ايوارڊ مليو.ان کانپوءِ هن تي لاڳيتي عالمي ايوارڊن جي برسات ٿيندي رهي.رڳو 2023ع ۾ هن کي مسلسل اولف پالمي، باربي فريڊم ۽ يونيسڪو پاران گلرمو ڪينو ورلڊ پريس فريڊم ايوارڊن سان نوازيو ويو.

نرگس محمدي هن وقت به ايراني جيل ۾ قيد آهي ۽ 6 آڪٽوبر 2023ع تي هن جي نالي تي امن جي نوبل انعام جو اعلان نرگس محمدي جي دقيانوسي روايتن خلاف جدوجهد جي فتح آهي. عورتن حقن جي علمبردار نرگس محمدي جا اڄ جيل اندر اکين مان خوشي جا لڙڪ ايش ٽري ۾ پيل رک کي ڌوئي اجرو ڪري رهيا آهن. امن جي پيامبر نرگس جي جاکوڙ سان گدلو پاڻي اڇري اڇو ۽ سينوريل سماج اجرو ٿيندو ۽ ايران جي ڌرتي تي وري نرگس جا گل ڦٽندا. ضمير جي قيدياڻي جو آواز امن جو پيامبر بڻجي سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي اها گونج دقيانوسي روايتن کي هٿي ڏيندڙ ملڪن ۾ نرگس گل وانگر گونچ جهلي مکڙين جي روپ ۾ مرڪي نئين صبح جو پيغام بڻجندي. زنجان جي مٽي مان ڦٽندڙ نرگس جو هڳاءُ اڄ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.