پورھيت اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي تھ مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 50 ھزار رپيا ڪئي وڃي ۽ ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پورھيتن جا حق بحال ڪيا وڃن.اھڙو مطالبو ڪراچيءَ جي مختلف پورھيت تنظيمن پاران منظم ڪيل ھڪ ريلي دوران ڪيو.جيڪا عوامي شهري محاذ جي انتظام ھيٺ سائيٽ ايريا ۾ ڪئي وئي.جنھن ۾ شهري عوامي محاذ، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، هوم بيسڊ وومن ورڪر فيڊريشن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل شھرين شرڪت ڪئي.ريلي سائيٽ ايريا جي حبيب چورنگي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ھئي.جنھن ۾مختلف فيڪٽري مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي پورھيت اڳواڻن گل رحمان ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ حڪمرانن جي عوام دشمن سياسي ۽ معاشي پاليسين،ملڪ خطرناڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي، بدقسمتي سان ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ بدران سامراجي مالياتي ادارن خاص ڪري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي غلامي قبول ڪري ورتي آهي.پورهيت اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ مهانگائي چاليهه سيڪڙو کان مٿي آهي.ان جي مقابلي ۾ اجرت ۾ سٺ سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.حڪمرانن پاران نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ رياستي سبسڊي ختم ڪرڻ سبب بنيادي ضرورتون جهڙوڪ کاڌي پيتي جون شيون، دوا، بجلي ۽ گيس جون قيمتون ايتريون وڌي ويون آھن جو عام شهري جي زندگيءَ گھڻي ڏکي ٿي وئي آھي.
مزدور اڳواڻن عالمي بئنڪ پاران 50 هزار ۽ ان کان گھٽ آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري تجويز کي معاشي دهشتگردي قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو تھ مهانگائي ختم ڪئي وڃي، کاڌ خوراڪ، بجلي، گئس تي رياستي سبسڊي بحال ڪئي وڃي، گھٽ ۾ گھٽ پگهار پنجاهه هزار مقرر ڪئي وڃي.سوشل سيڪيورٽي، پينشن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪانٽريڪٽ سسٽم ختم ڪيو وڃي، يونين ٺاهڻ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي.
ڪراچي جي پورھيت اڳواڻن جو گھٽ ۾ گھٽ پگھار 50 ھزار رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو بلڪل درست لڳي ٿو،ڇاڪاڻ جو سال کن ۾ مھانگائي تمام گھڻي وڌي آھي،جنھن جو سڄو بار عام ماڻھوءَ جي بجيٽ تي پيو آھي.بدقسمتي سان اسان اھڙي سسٽم ۾ ڦاسي چڪا آھيون جو حڪومت ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو بجلي جي يونٽ جي قيمت ۾ مسلسل واڌرو ڪري رھي آھي.ھن ڀيري تي ڪراچي جي شھرين جي لاءِ في يونٽ ساڊا 4 رپيا اضافو ڪيو ويو آھي،جنھن سان ھاڻي ملڪ ۾ اھا مھانگي ترين بجلي عوام کي فراھم ڪئي پئي وڃي.
ملڪ ۾ ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو تھ بجلي جي قيمت وڌائڻ جو اعلان ٿئي ٿو،بجلي جي قيمتن بابت جوڙيل جدول اھڙي منجھائندڙ آھي جو عام ماڻھون لاءِ سمجھڻ ممڪن نھ آھي پر ان جي وڌايل قيمت جو سڌي ريت عوام تي اثر پئجي رھيو آھي.
حڪومت پاران ملڪ ۾ مھانگائي جي شرح 37 ڏھائي 07 ھئڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي،جنھن کي آزاد ذريعا ڪنھن بھ طرح قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.ڇاڪاڻ جو سرڪار جي مقرر ڪيل قيمت تي ٿوريون شيون ملن ٿيون.باقي سمورين شين جو اگھھ واپاري پاڻ مقرر ڪن ٿا جن تي حڪومت ڪڏھن پڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي نھ تھ ڪوشش ڪئي آھي ۽ نھ ئي ان بابت ڪو عملي قدم کنيو آھي. اھڙي ريت ڊالر جي قميت رپئي جي مقابلي ۾ مسلسل لاٿ جي خوشخبري پڻ روز ٻڌائي وڃي ٿي پر ان جو عام ماڻھوءَ جي زندگيءَ جي ڪو بھ ھاڪاري اثر نھ پيو پوي.
اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ سرڪار صرف ٿورڙين عام واھپي جي شين جي اگھن کي مقرر ڪرڻ جو اعلان تھ ڪري ٿي ڇڏي پر ان تي عمل ڪرائڻ جي ڪو بھ اھڙو سسٽم جوڙڻ جي ڪڏھن پڻ زحمت نھ ڪئي وئي آھي،جنھن ڪري ان جو ڪو بھ نتيجو نٿو نڪري.رڳو ڪراچي شھر ۾ ھن وقت کير جي اگھه تي تڪرار جاري آھن، سرڪاري دعويٰ آھي تھ مقرر ڪيل اگھھن تي کير وڪرو ٿي رھيو آھي پر عملي طور اھو ممڪن ئي نھ آھي.صرف ڪنھن سرڪاري آفيسر جي اڳيان واپاري کير مقرر ڪيل اگھن تي وڪرو ڪن ٿا،پر ان تي مڪمل طور عمل نٿو ٿئي، يا ٿورن لفظن ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل اگھ کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪو بھ سسٽم نھ آھي، رڳو ھڪڙو اعلان ٿئي ٿو ۽ اھو سرڪاري رڪارڊ جو حصو ٿئي ٿو.باقي ان جو ڪنھن بھ طرح فائدو نٿو پھچي.
حڪومت تھ اھا بھ دعويٰ ڪري ٿي تھ ڊالر جو اگھه گھٽجي ويو آھي پر مبصرن جو خيال آھي تھ اھو سڀ ڪجھ ھٿ سان ڪجھ دير جي لاءِ مينيج ڪيل سسٽم آھي،ڇاڪاڻ جو کليل نموني سرڪاري اعلان موجب جيترا ڊالر گھربل ھوندا آھن ايتري مارڪيٽ مان نٿا ملن.
عام واھپي جي شين جي قيمتن مقرر ٿيڻ جو بھ ڪو عمل جوڳو فارمولو نھ آھي،جنھن ڪري واپاري وقت بوقت مرضي جا اگھه مقرر ڪري ٿا ڇڏين ۽ عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽين ٿا پر حڪومت ان تي ڪنھن بھ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندي آھي.
حڪومت ۽ اختيارين کي گھرجي تھ عوام جي مفادن وٽان عمل جوڳي پاليسيي جوڙين جنھن سان عوام کي حقيقي بنيادن تي فائدو پھچي سگھي.ان سان ئي معاشري ۾ استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني سميت ھڪ مثبت لاڙو پيدا ٿي سگھي ٿو.باقي جاري ڦرلٽ سان سموري معاشري جي قدرن ۽ بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو آھي. سو حڪومت کي فوري طور ھر پورھيت جي پگھار 50 ھزار رپيا مقرر ڪري ۽ عالمي بينئڪ جي 50 ھزار واري تجويز کي رد ڪندي عوام کي وڌيڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچائي.
ھتي اھو سمجھڻ گھرجي تھ حڪومت جا مقرر ڪيل اگهھ ھڪڙا آھن ۽ عام ماڻھون کان جيڪي وصول ڪيا وڃن ٿا اھي ٻيا آھن.تنھنڪري ھڪ وچولي طبقي ۽ غريب ماڻھون جي بجيٽ اڳي ئي آئوٽ ھئي مٿان وري ڏينهون ڏينهن جي وڌندڙ مھانگائي عوام کان جيئن جو حق ڦري ورتو آھي، اھڙين حالتن ۾ جيتوڻيڪ 50 ھزار معاوضو بھ گھٽ آھي پر حڪومت گھٽ ۾ گھٽ اھو 50 ھزار مقرر تھ ڪري،جو عام پورھيت پنھنجو پيٽ گذر ڪري سگھي.