بدترين ڪارڪردگي سان ايشين گيمز ۾ پاڪستان جو سفر ختم ٿي ويو

تاريخ جي بدترين ڪارڪردگي سان 19 هين ايشين گيمز ۾ پاڪستان جو سفر ختم ٿي ويو.

چين ۾ ٿيل ايشين گيمز ۾ پاڪستاني ايٿليٽس رڳو ٽي ميڊل کڻي سگھيا.

ان کان اڳ 2018ع جي ايشين گيمز ۾ پاڪستان چار ميڊل کٽيا هئا.

هن ڀيري پاڪستان اسڪواش ۾ سلور ميڊل کٽيو جڏهن ته شوٽنگ ۽ ڪبڊي ۾ برانز ميڊل حاصل ڪري سگھيو.

پاڪستان لاڳيتو ٻيون ڀيرو ايشين گيمز ۾ ڪو به ميڊل ناهي کٽي سگھيو.

ايوينٽ ۾ پاڪستان جي 190 ايٿليٽس 24 مختلف راندين ۾ شرڪت ڪئي.

ڪرڪيٽ ۽ هاڪي مقابلن ۾ به پاڪستان جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي رهي، هاڪي ٽيم پهريون ڀيرو ايشين گيمز جي سيمي فائينل تائين پهچڻ ۾ به ناڪام رهي.

ٻي پاسي فيورٽ تصور ڪئي ويندڙ ڪرڪيٽ ٽيم به ڪو ميڊل نه کٽي سگھي.

ارشد نديم انجري سبب جيولن ٿرو تان هٿ کڻي ويو هو، جنهن جي ڪري هڪ امڪاني ميڊل نه ملي سگھيو.

ٽيم اسڪواش ۾ شاندار ڪارڪردگي پر انفرادي اسڪواش ۾ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان جا رنر ۽ سوئمر اڪثر مقابلن ۾ آخر نمبر تي ئي آيا.

پاڪستان جا تيز ترين ايٿليٽ شجر عباس ۽ تامين خان هيٽس کان اڳتي نه وڃي سگھيا.

تائڪوانڊو، ڪراٽي، ريسلنگ ۽ ويٽ لفٽنگ ۾ به پاڪستاني ايٿليٽ ميڊل نه آڻي سگھيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.