حماس اسرائيل جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، هزارين راڪيٽ حملا، 100 ڄڻا مارجي ويا، هزار کان مٿي زخمي

والاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم ۽ غزا جي حڪمران جماعت حماس آپريشن طوفان الاقصيٰ جو اعلان ڪندي اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 100 ٿي ويو ۽ هزار کان مٿي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اختيارين وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا مان اسرائيل تي 5 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ ڪيترائي فلسطيني مجاهد اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا، جتي انهن جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي فوجين سان جهڙپون ٿي رهيون آهن.
مجاهدن 35 اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، ڪيترين ئي اسرائيلي فوجي گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪيترائي ٽينڪ پڻ تباهه ڪري ڇڏيا.
حماس جي فوجي ونگ القسام بريگيڊز جي سربراهه ڪمانڊر محمد الضيف ”ابو خالد“ آپريشن طوفان الاقصيٰ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو حملو اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ ۾ مسلسل شرپسندي ۽ فلسطينين تي ظلمن جو جواب آهي.
راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسرائيل کي وڏو مالي نقصان به ٿيو آهي، اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دونهون ڪڪرن تائين وڃي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي.
حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ اسرائيلي فوج جنگ جي حالت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيلي حڪومت غزا ۾ به بمباري جو فيصلو ڪيو آهي.
والاريل فلسطين جي آبادين ۾ فلسطيني نوجوان حماس جي مجاهدن جي آجيان ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته غزا سان اسرائيلي سرحد تي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ حماس اهو حملو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.