افغان پناهگيرن کي قانون موجب واپس ڪيو وڃي، ملڪيت ضبط ٿيڻ نه ڏينداسين: محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته افغان پناهگيرن کي قانون موجب واپس موڪليو وڃي، ڪنهن سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين.
ڪوئيٽا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته پاڪستان ۾ آئين موجود آهي، ڪو به غير قانوني طور رهائش اختيار نٿو ڪري سگهي، قانونين ۽ غير قانونين لاءِ قانون موجود آهن، بنا جواز رات جي اونداهي ۾ ڪنهن کي گهر گهڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
هن چيو ته گڏيل قومن جا قانون آهن، پاڪستان ۾ به قانون آهي، ڀارت ۾ سک، عيسائي، هندو ۽ مسلمان سڀ گڏ رهن ٿا، افغان پناهگيرن کي اسان آباد ڪيو آهي، ڪنهن جي ملڪيت ضبط ٿيڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تان غير قانوني سمگلنگ ٿي رهي آهي، سرحدن تي موجود سيڪيورٽي اهلڪارن کي سڀ خبر آهي ته ڪهڙيون شيون سمگل ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.