ٻيا ملڪ افغانستان ۾ سفارتخانا کولي رهيا آهن ۽ پاڪستان نفرت کي هوا ڏئي رهيو آهي: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان جاڙا ڀائر آهن، انهن کي جدا نٿو ڪري سگهجي، اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ دين گڏيل آهي، افغان پناهگيرن کي ڪڍڻ جي فيصلي ۾ تڪڙ کان پاسو ڪيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن المرڪز الاسلامي پشاور ۾ جماعت اسلامي جي افغانستان جي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس سان خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته ٻئي ملڪ ان حوالي سان گڏيل منصوبو جوڙين، تڪڙ ۾ ڪيل فيصلن سان مسئلا جنم وٺندا، خوشحال مستقبل لاءِ گڏيل منصوبابندي ڪئي وڃِ.
سندس چوڻ هو ته هن وقت افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت قائم آهي، ٻيا ملڪ پنهنجا سفارتخانا کولي رهيا آهن، پاڪستان کي نفرت کي هوا نه ڏيڻ گهرجي، جماعت اسلامي افغانين جو ڪيس وڙهندي.
سراج الحق چيو ته پاڪستان جي عوام اڌ صديءَ کان مسلسل افغانين جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ان لاءِ وڏي قيمت به ادا ڪئي آهي، اسان کي افغان حڪومت مان به اميد آهي ته اها پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار ڪندي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو اختلاف سيڪيولر قوتن جو منصوبو آهي، ان منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي عوام کي صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ غير رجسٽرڊ افغانين جي ملڪ بدري لاءِ 31 آڪٽوبر تائين ڪو باعزت رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.