ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ آپريشن دوران ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيچ ضلعي جي علائقي زربر ۾ آپريشن ڪيو، جتي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو برآمد ٿيو، دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.