ڪراچي(رپورٽر) نيب پاران ايڪسئين ھاءِ وي حيدر آباد خلاف ڪرپشن جي اينٽي ڪرپشن کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پريم ڪورٽ پاران نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوء ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ھئڻ جي الزام ھيٺ آيل ، ايگزيڪٽوٽو انجينيئر هاءِ وي ڊويزن، حيدرآباد آفتاب احمد صديقي جي دور ۾، سيپرا قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اختيارات جو ناجائز استعمال ڪرڻ بابت نيب سنڌ طرفان اينٽي ڪرپشن کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڊي جي نيب سنڌ طرفان اينٽي ڪرپشن کي خط ۾ چيو آهي ته ھاءِ وي ڊويزن حيدرآباد آفتاب احمد صديقي روڊ کاتي جي اڏاوتي ڪمن ۾ جن ٺيڪيدارن کي ڪيترائي ٺيڪا ڏنا انهن جا تفصيل ڏنا وڃن، نيب موجب الزامن ھيٺ آيلن طرفان زمين تي روڊن جو ڪم ڪرڻ کانسواءِ ٺيڪيدارن کي پئيسا جاري ڪيا ويا، نيب اينٽي ڪرپشن کي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي پاران آفتاب احمد صديقي خلاف ڪھڙي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. نيب رپورٽ طلب ڪندي چيو ته آفتاب احمد صديقي خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪيس داخل آهي يا نه ڪيترا ڪيس داخل آهن جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪو ڪيس داخل آهي ته اھو ڪيس چالان ٿيل آهي يا نه ؟، نيب موجب مٿي ڄاڻايل معلومات قومي احتساب جي سيڪشن 27 تحت گهربل آهي.