ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سمال انڊسٽريز شاهد علي شاهه کي هٽائي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ايم ڊي جي چارج ڏني وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب سنڌ سمال انڊسٽريز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شاهد علي شاهه کي بدلي ڪري هيومن سيٽلمينٽ اسپيشل ڊولپمينٽ اينڊ سوشل هائونسگ ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سروت فهيم کي ايم ڊي جي چارج ڏني وئي آهي.