آگسٽ حڪومت 22 سئو 18 ارب روپيا قرض ورتو

ڪراچي( م ڊ) آگسٽ 2023ع ۾ حڪومت 22 سئو 18 ارب روپيا قرض ورتو، اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته هلندڙ سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ ۾ 3 ڏهائي 6 سيڪڙو قرض وڌيڪ ورتو ويو . هڪ سال ۾ حڪومت 14 هزار 394 ارب روپين جو قرض ورتو، آگسٽ 2023ع جي آخر  تائين حڪومت جو مجموعي قرض 63 هزار 966 ارب روپيا آهي. هڪ سال ۾ حڪومت جو قرض 29 سيڪڙو وڌيو آهي، آگسٽ 2023ع تائين حڪومت جو مقامي قرض 39 هزار 792 ارب روپيا آهي، آگسٽ جي آخر ۾ حڪومت پرڏيهي قرض 24 هزار 178 ارب روپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.