گولڊن هينڊ شيڪ تحت رقم وٺڻ باوجود ملازمن پاران نوڪريون ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) صنعت ۽ پيداوار بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 320 ملين گھوٻين ۽ گولڊن هينڊ شيڪ جي باوجود ڪجهه ملازمن جي 8 کان 10 سال نوڪريون ڪرڻ جو انڪشاف  ٿيو آهي. ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سينيٽر خالد اطيب جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو نگران وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري ٻنهي شرڪت نه ڪئي. ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪريٽري صاحب ان ميٽنگ لاءِ تياري ڪري رهيو آهي پر هتي ناهي آيو، منسٽر صاحب سڄي مهيني ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪميٽي لاءِ ناهي ڪڍي سگھيو، اسان کان به عوام پڇي ٿو ته اوهان سينيٽ ۾ ڇا ٿا ڪريو. ڪميٽي ميمبرن چيو ته اڄ ڪالهه انڊسٽري جا جيڪي مسئلا آهن اهي سڀني کي خبر آهن، اسان وزارت جي ڪارڪردگي مان بلڪل مطمئن ناهيو. اجلاس دوران گولڊن هينڊ شيڪ جي باوجود ڪجهه ملازمن جي 8 کان 10 سالن تائين نوڪريون ڪرڻ جو انڪشاف به ٿيو. ڪميٽي پڇاڻو ڪيو ته جيڪي ماڻهو گولڊن هيڊ شيڪ وٺي چڪا آهن، اهڙا آفيسر ٻيهر نوڪرين تي ڪيئن اچي ويا. گولڊن هينڊ شيڪ جي باوجود ڪجهه ملازمن يج نوڪريون ڪرڻ بابت ڪميٽي وڌيڪ چيو ته هتي حال اهو آهي جو وزارت کي انڪوائري جي به خبر ناهي، جيڪڏهن ڪو غلط آهي ته ان کي بي شڪ سزا ڏيو پر جنهن جو حق آهي، ان کي ڏنو وڃي. سينيٽر همايون مهمند چيو ته اين ايف سي جي ملازمن طرفان ٻٽيون پگهارون ۽ مراعتون ورتيون ويون. 2007ع ۾ گولڊن هينڊ شيڪ وٺندڙ 2016ع ۽ 2017ع تائين ملازمتن تي رهيا، بيضابطگين جي جاچ گذريل 11 سالن کان التوا هيٺ آهي. اين ايف سي بورڊ آف گورنرز پلاٽ ۽ ٻيون مراعتون وٺندا رهيا. ڪميٽي معاملي جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا. ڪميتي جي چيئرپرسن ايڊيشنل سيڪريٽري کي ميمبرن جا خدشا اختيارين تائين پهچائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.