ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سچل پوليس خانگي بينڪ جي مئنيجر کي لوٽيندڙ 5 اهلڪارن جي خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪري ٻن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او نور محمد شيخ موجب 3 آڪٽومبر جي رات خانگي بينڪ جو مئنيجر جنيد گاڏي ۾ سوار هو. جڏهن ته ڪار ۾ هڪ عورت به موجود هئي ۽ هوءِ ملير ڪينٽ ويندڙ رستي تي بيٺل هئا ته ان دوران گشت تي مقرر ٿاڻي جا اهلڪار ڏسي بيهي رهيا ۽ ان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دورا ڪار جي تلاشي به ورتيم بينڪ مئنيجر کان لائنس جو هٿيار به مليو. جڏهن اهلڪار جنيد کان موبائل فون، 6 هزار روپيا روڪ ۽ گاڏي ۾ موجود پرفيوم جون بوتلون به وٺي ڇڏيو،جڏهن ته موبائل فون ۽ هٿيار پوليس اهلڪارن واپس ڪري ڇڏيا ۽ ٻيو سامان کڻي هليا ويا ڪيس جي اهلڪار اعليٰ آفيسرن سان رابطو ڪيو ۽ ٿاڻي تي اچي رپورٽ داخل ڪرائي. جنهن تي فوري طور تي ڦر جو ڪيس داخل ڪرايو. جڏهن ته ٻن اهلڪارن عبدالرحمان ۽ زبير کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻيا ٽي اهلڪار فرار آهن.