حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته اقتدار حاصل ڪرڻ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن جو سودو ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.
قومي عوامي تحريڪ پاران مھانگائي، ڪرپشن ،سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌو درياهه تي ڌاڙي، زرعي تباھي، ڪوڙي آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، نياڻي ۽ صحافين جي قتل، ميرٽ جي تباھي، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد جي باءِ پاس وٽ سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسي عام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد جي آس پاس وارن علائقن جا دورا ڪري دعوت ڏنيون.
عوامي تحريڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، قومي عوامي تحريڪ سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته اقتدار حاصل ڪرڻ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن جو سودو ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.
هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي.
هن وڌيڪ پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاءِ سنڌ جي پٺي ۾ خنجر ھنيا، سنڌ جي عوام کي سنڌ دشمن پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آڏو ايندڙ اليڪشنن ۽ جدوجھدن ۾ مضبوط ۽ جٽادار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.