لاهور (عوامي آواز نيوز) نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ جي پرڏيهي دوري توڙي ڪارڪردگيءَ تي اسٽيبلشمينٽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر موجب هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آرمي چيف به شرڪت ڪئي، نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ به موجود هو. سمورن کاتن جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آرمي چيف اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاريءَ بابت اڳڀرائي رپورٽ معلوم ڪئي ته لاڳاپيل وزير ۽ سيڪريٽري ڪابه اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪري سگهيا ۽ نه ئي سوالن جا تسلي بخش جواب ڏئي سگهيا.
جنهن تي آرمي چيف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نگران سرڪار وٽ وقت ٿورو آهي، ان ڪري فيصلن تي تڪڙو عمل ڪيو وڃي.
ذريعن جو اهوبه چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ نگران ڪابينا ۾ تبديليءَ جا به امڪان آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 07 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي