ايندڙ چونڊن ۾ آزاد اميدوار فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ ته وطن ورڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي پر عوامي سطح تي اڃان تائين نواز  شريف جي استقبال جون سرگرميون متاثر ڪندڙ نه آهن.

نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا موجب هينئر تائين سياسي صورتحال مان ته محسوس ٿي رهيو آهي ته شآيد ايندڙ چونڊن کانپوءِ آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ ڪامياب ٿي ايندا ۽ حڪومت سازي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا.

ضروري ناهي ته اهي نواز شريف کي ئي وزيراعظم ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏين، ممڪن آهي ته اهي آزاد اميدوار  (ن) ليگ مان ڪنهن ٻئي  اڳواڻ جو نالو وزيراعظم لاءِ تجويز ڪن. پر نواز شريف کي دوست ملڪن به چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ان هوندي به هر ايندڙ ڏينهن سياست ۾ نوان موڙ اچي رهيا آهن ڏسڻو آهي ته چونڊن تائين سياست ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿي باقي ميان نواز شريف جي تقرير ته لنڊن ۾ تيار ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ به سندس استقبال جون تياريون جاري آهن، پر اڃان تائين چونڊن جو ماحول تيار ٿيندو نظر نٿو اچي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 07 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.