پگهار گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ۽ ٺيڪيداري نظام جي خاتمي جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) فيڪٽرين ۾ ٺيڪيداري نظام ختم ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار ڪيو، عوامي شهري محاذ جي سائيٽ ايريا ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهري عوامي محاذ، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، هوم بيسڊ وومن ورڪر فيڊريشن توڙي سول سوسائٽي  جي ماڻهن ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ فيڪٽرين ۾ ملازمن سان غير انساني سلوڪ خلاف سائيٽ ايريا ۾ حبيب چورنگي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ مختلف فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي مزدور اڳواڻ ڪامريڊ گل رحمان ڪئي، ريلي ۾ مختلف فيڪٽرين جي مزدورن کان علاوه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.

مزدور اڳواڻن چيو ته حڪمران طبقن پنهنجي عوام دشمن سياسي ۽ معاشي پاليسين سبب ملڪ کي خطرناڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هن بحران مان نڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ بدران سامراجي مالياتي ادارن خاص ڪري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي غلامي قبول ڪري ورتي آهي.

پورهيت اڳواڻن چيو ته ان جو نتيجو وڌيڪ تباهي آهي، مهانگائي چاليهه سيڪڙو کان مٿي آهي جڏهن ته اجرت ۾ سٺ سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ رياستي سبسڊي ختم ڪرڻ سبب بنيادي ضرورتون جهڙوڪ کاڌو/دوا، بجلي، گيس عام شهرين جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.

هنن وڌيڪ ورلڊ بئنڪ پاران 50 هزار آمدني وارن کان ٽيڪس جو مطالبو معاشي دهشتگردي جي برابر آهي،

هنن مطالبا پيش ڪيا ۽ مطالبن ۾ چيو ويو ته مهانگائي ختم ڪئي وڃي، کاڌ خوراڪ، بجلي، گئس تي رياستي سبسڊي بحال ڪئي وڃي، گھٽ ۾ گھٽ پگهار پنجاهه هزار هجڻ گهرجي، سوشل سيڪيورٽي، پينشن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪانٽريڪٽ سسٽم ختم ڪيو وڃي، يونين ٺاهڻ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.