مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ننگرپارڪر ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون سان جاري سمال ڊيم ۾ ڪارونجهر جو پٿر ٽوڙي غيرقانوني استعمال ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب ايس آر پي منصوبي تحت ٺھندڙ لياري ڊيم ۾ مقامي ٺيڪيدارن ذريعي پٿرن جو استعمال ڪيو پيو وڃي.ڍ
واضع رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ معدنيات کاتي جي منع نامي باوجود ٺيڪيدار گل ٽريڊرس پٿر استعمال ڪري رھيو آھي، جڏھن ته عالمي بئنڪ سان ٿيل معاهدي ۾ ڪارونجهر جو پٿر استعمال ناھي ڪرڻو.
ٻي پاسي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ڊيم تي ڪارونجهر جي پٿرن جي استعمال کي روڪي ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي بئنڪ جي انجنيئرن لاڳاپيل کاتن جي مدد سان سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ جي يارنهن ئي ڊيمن ۾ ڪارونجهر جو غيرقانوني پٿر استعمال ڪيو آھي ۽ ھاڻي به جاري آھي.
ھنن چيو ته ڊيمن جي نالي تي ھنن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آھي انڪري ھنن خلاف ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي.