ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) اڳوڻن ٽن خاص مدد گارن شهزاد ميمڻ، بندهه علي لغاري ۽ بنگل خان مهر سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون، نگران سرڪار کين گاڏيون واپس ڪرڻ لاءَ آخري مهلت وارو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.
پيپلزپارٽِي جي اڳوڻي حڪومت ۾ وڏي وزير جي خاص مدد گارن مان ٽن ڄڻن شهزاد ميمڻ، بندهه علي لغاري ۽ بنگل خان مهر سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيو آهن کين گاڏي واپس ڪرڻ لاءَ اڳ ٻه 2 نوٽس اماڻيا ويا پر انهن گاڏيون واپس نه ڪيون، جنهن بعد سروس جرنل ايڊمنيسٽريشن کاتي پاران گذريل ڏينهن گاڏيون واپس ڪرڻ لاءُ آخري مهلت جو فائنل نوٽس اماڻي ڇڏيو.
نوٽس ۾ اڳوڻي خاص مددگار شهزاد ميمڻ وٽ گاڏي نمبر جي ايس اي 207 ايڪسلائي ماڊل 2016 آهي، بندهه علي لغاري وٽ ڪار نمبر جي ايس سي 298 ايڪسلائي ماڊل 2015 آهي جڏهن ته بنگل خان مهر وٽ ڪار نمبر جي ايس بي 877 ايڪسلائي ماڊل 2024 پڻ آهن.
ٽنهي اڳوڻن خاص مدد گارن کي الڳ الڳ اماڻيل نوٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان پنهنجي خاص مدد گار واري عهدي وقت جيڪي سرڪاري گاڏيون حاصل ڪيون هيون اهي فوري طور تي سرڪار کي واپس ڪيون وڃن.
فائنل نوٽس وسيلي ٻڌايو پيو وڃي ته اوهان سرڪاري گاڏيون واپس ڪيو ٻئي صورت ۾ اوهان خلاف قانون تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.