واشنگٽنو(م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته جوبائيڊن انتظاميا ڪيترن ئي موقعن تي ڀارتي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ مٿس زور ڀريو آهي ته خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي جاچ ۾ ڪئناڊا سان سهڪار ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر نيوز بريفنگ ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن گذريل هفتي واشنگٽن ۾ پنهنجي ڀارتي هم منصب ايس جي شنڪر سان ملاقات ۾ اهو معاملو اُٿاريو.