ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو ۽ صنعتڪارن سان ملاقات ڪئي. فيڊريشن جي صدر عرفان اقبال شيخ ۽ ٻين ميمبرن سنڌ جي گهرو وزير جو استقبال ڪيو. نگران گهرو وزير چيو ته واپاري برادري جو تحفظ ۽ پرامن ماحول ۾ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ اولين ترجيح آهي سنڌ ۾ امن امان جي قيام ۾ عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون گڏيل ڪوششون شامل آهن. هن چيو ته منشيات فروش، لينڊ گريبرز ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز سميت سمورن ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيلن جي سڌاري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ 10 هزار ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن