سنڌ ۾ لاقانونيت  ۽ ماڙي جلباڻي سانحو 

تحرير: خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌ ڌرتي تي گذيل ڪافي سالن کان لاقانونيت دھشت گردي جي بازار گرم آھي .ڪوبه شريف ماڻھو پنھنجي گھر ۾ محفوظ ڪونھي .خاص طور تي ملڪ ۾ سياسي ماڻھن جو رياستي ادارن ھٿان کنڀجي وڃڻ ۽ سال ٻن کان پوءِ  ڪجھه  ته ظاھر ڪيا وڃن ٿا ته وري ڪن سياسي ڪارڪنن جا چچريل لاش ملن ٿا .اھو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي .جو سوين مائرن جا جوڌا پٽ انھي عمل جو نشانو بڻجن ٿا .

ان کان علاوه وري سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان علاوه ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جو راڄ عروج تي آھي پڪي جي ڦورن کان جان بچائي ته ڪچي جي ڌاڙيلن جي ور چڙھي ويندو .بدامني دھشت گردي ايترو ته وڌي وئي آھي جو ڪوبه علائقو چاھي ٻھراڙي جو ھجي يا شھري ٻنھي ھنڌن تي ساڳئي حالت آھي ٻھراڙي ۾ قبائلي تڪرار ۾ ته پڙھيل لکيل ماڻھو جن جو قبيلي ذات پات سان ڪوبه واسطو ڪونھي ته انھيءِ کي به ڪونه ٿو بخشيو وڃي ٻاھرين ملڪ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل تعليمدان جنھن جو خواب ھو ته سنڌ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيان ڊاڪٽر اجمل ساوند انھي کي به قبائلي تڪرار جي ور چاڙھي انتھائي بيدردي سان ماريو وڃي ٿو .جئين سنڌ ۾ تعليم ۽ شعور کي وڌڻ نه ڏنو وڃي .

ٻئي طرف شھري دھشت گردي جتي ڊفينس جي پوش علائقي ۾ جتي انسان پاڻ کي محفوظ سمجھي ڪري رھي ٿو ته اتي به شھري دھشت گرد پھچي جيڪب آباد شھري اتحاد جي صدر اڪرم ابڙي کي سندس پٽ ۽ دوست سميت چئني طرفن کان ڪلاشن ڪوف جا برسٽ ھڻي قتل ڪيو وڃي ٿو .ڪٿي به امن امان جي صورتحال بهتر ڪونھي ھزارن جي تعداد ۾ محب وطن سنڌي ھندو جن ورھاڱي جي وقت سنڌ نه ڇڏي ۽ ھتي ئي رھڻ جو مستقل فيصلو ڪيو اڄ اھي به موجوده بدامني دھشت گردي کان بيزار ٿي لڏپلاڻ تي مجبور آھن ۽ اھو سلسلو به اڄ ڏينھن تائين جاري آھي .ھنن سڀني خطرن کان پاڻ بچايو ته رياستي دھشت گردي جو شڪار ٿيو وڃجي .

تازو ماڙي جلباڻي ۾ نگران صوبائي گهرو وزير جو پريس بيان ته اسان کي ڳجهو اطلاع ملي ته ماڙي جلباڻي ۾ خودڪش بمبار لڪل آھن واضح رھي ته خودڪش بمبارن جي جيڪا گذريل تاريخ رھي آھي اھي گھڻو ڪري مذھبي تنظيمن ۽ گروپن جا رھيا آھن .خاص طور تي اھي مسجد ۽ امام بارگاھن ۽ مذھبي عقيدت وارن ھنڌن درگاھن تي پنھنجون ڪارروايون ڪن ٿا .ھي ته ويچارا ڳوٺاڻا ھئا جن جو اڃا تائين ڪو به ڏوهاري رڪارڊ، يا اهڙي سرگرمين جو ڪوبه تعلق ظاھر ڪونه ٿيو آھي ۽ نه انھن وٽان اھڙو ڪا ملڪ دشمن مواد ۽ ھٿيار ھٿ آيو آھي .ھي بيگناهه غلط مخبري ۽ ڪنھن جي چرچ تي ماريا ويا آھن جن جي اڃان تائين ڄاڻ نه آئي آھي .انھن جو ڪھڙو ڏوه ھو حد جي ٿاڻي مان مري ويل شخصن ۽ عورتن جو ڪوبه ڏوهاري رڪارڊ ڪونھي .اھڙا ڪجھه  واقعا ماضي ۾ به ٿي گذريا آھن جن ۾ سڀ کان مشھوري ماڻيندڙ ھن واقعي سان ملندڙ جلندڙ آھي اھو آھي ٽنڊو بھاول جو واقعو جنھن ۾ به اھوئي ڄاڻايو ويو ھو اھي خطرناڪ دھشت گرد ھئا ھنن وٽان جديد ھٿيار به ھٿ ڪيا ويا جيڪي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ھٿان مارجي ويا پريس ڪانفرنس ۾ لاشن سان گڏ ھٿيار به رکيا ويا هئا . پر اڳتي ھلي ڪري انھن مارجي ويل جوانن جي امڙ مائي جندو لڳاتار ڪوشش ۽ ثابتين سان اھو ظاھر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته اھي دھشت گرد نه پر غريب ھاري ھئا جن جي زمين ڦٻائڻ لاءِ  افغاني پٺاڻ غلام نبي اھو ڊرامو ڪري بيگناه ست ماڻھو مارايا ۽ پاڻ فرار ٿي ويو قانون جو رکوالو ميجر ارشد ڏوهه مڃيو ۽ نيٺ ڦاھي تي چاڙھي ويو .

ڪجھه  ان ريت ماڙي جلباڻي جي جوڌن جو خون به ضايع ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن .۽ موجوده خبرن ۾ اھو ظاھر پيو ڪيو وڃي ته ھي ڳوٺاڻا خود پنھنجن جي ئي ھٿان ماريا ويا آھن .

واضح رھي قانون لاڳو ڪندڙن جا اٽالا اتي ھٿيارن سميت پھتا ھئا جن جا سوين ماڻھو اکين ڏٺا شاھد آھن جو ھي پيرسن شخص رجب علي جلباڻي جي ڳولا ڪري رھيا ھئا جن جي مزاحمت تي ھنن سڌا فائر ڪري غريب بي ڏوھي ڳوٺاڻا شھيد ڪري ڇڏيا .جيڪي پڻ ھارپو ڪندا ھئا . ڪو اھڙو ڏينھن به ايندو جو ٽنڊو بھاول وانگي ھنن مظلومن جا به قاتل ظاھر ٿي پوندا .الله جي لٺ بي آواز آھي ….ڌرتي ڌٻي لرزي ٿرٿليا آسمان گيت رنا ساز ڀڳا پر ڪنھن نه ٻڌو آواز .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.