مستونگ، هنگو ۽ ماڙي جلباڻيءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ ستر جي لڳ ڀڳ عام پاڪستاني الله جي گهر، الله جي محبوب صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي ميلاد ڪندي ۽ پنهنجي گهر ۾ بي هٿيار هوندي ماريا ويا آهن. جيتوڻيڪ ان جا سياسي، حفاظتي ۽ بنيادي عنصر مختلف آهن، پر ان جي نتيجي ۾ بيگناهه پاڪستاني اَجل جو شڪار ٿيا آهن. نقصان پاڪستان جو ٿيو آهي. رياستي ۽ حڪومتي سطح تي هڪ وڏو چئلينج ٿي سامهون آيو آهي، جيڪو پاڪستاني قوم ۽ ادارا پوين ڪجهه ڏهاڪن کان ڀوڳي رهيا آهن ۽ انهن خلاف جنگ جوٽي رهيا آهن. ان جي گهڻ رُخي سببن تي پنهنجي پنهنجي شعبي جي ڄاڻ رکندڙ لکي ۽ ٻڌائي سگهن ٿا.
پاڻ اڄ ڪوشش ڪنداسين ته آفتن ۽ غربت جي وچ ۾ ڳانڍاپي تي ٿورو ڳالهايون ۽ ڏ سڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڪنهن ملڪ ۽ خطي جي سيڪيورٽيءَ ۽ امن واري حالتن تي اِهو ڪيئن اثرانداز ٿئي ٿو.گهڻو پوئتي نٿا وڃون، پاڪستان ۾ آيل 1998ع واري ڏُڪاري حالتن کان ٿا شروع ڪيون، جنهن ۾ بلوچستان کانپوءِ وڌ ۾ وڌ سنڌ ڀوڳيو. ان پوين پنجويهن سالن ۾ پاڪستان ۾ عمومي طور تي ۽ سنڌ ۾ خاص ڪري هر ٻين کان ٽين سال ڪا نه ڪا آفت ايندي رهي آهي، جنهن ٻهراڙيءَ واري غريب سنڌ کي اڃان وڌيڪ غريب ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي اندر طرز حڪمراني جو بنياد وڏو ماڻهو، عام ماڻهو، قانون ۽ آئين کان مٿانهون ماڻهو، هر حال ۾ ڏوهه دار ماڻهو، وڏن جي ۽ طاقتور ماڻهن سان گڏجي بيٺل ماڻهو ۽ بي وس، لاچار، بي واهو ماڻهو ــ ايترن قسمن ۾ ورهايل آهي هي معاشرو! جمهوريت هجي يا آمريت، انهن ماڻهن جي انهي ورڇ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آيو آهي. ان جي نتيجي ۾ غريب پاڪستان ۽ خاص ڪري غريب سنڌ کي وقت سان گڏ وڌيڪ ڪُنڊائتو ڪيو ويو آهي. سماجي، سياسي، وسيلن ۽ اقتصادي غير محفوظيت عام سنڌ کي هر قسمن جي آفتن ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن آفتن جي انتظام ڪاري ۽ انهن جي خطرن کي گهٽائڻ واري علم ۽ عمل بابت پڙهنداسين ته ”غير محفوظيت“ Vulnerability بابت تمام گهڻو مواد ملندو. جنهن ۾ ٻُڌايل آهي ته ڪيئن انسان، معاشري، ڪميونٽي جي سماجي، سياسي، اقتصادي، مڪان و زمان، يا مذهبي غيرمحفوظيت انهن جي ڪنهن به آفت کي سهڻ، ان کي مُنهن ڏيڻ، ان جي ور چڙهي ختم ٿي وڃڻ يا بچي زندگيءَ کي اڳتي وڌائي وڃڻ بابت ٻڌائي ٿي.
غربت جي نتيجي ۾ ماڻهو پُرخطر جاين تي پنهنجا گهرڙا اڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. اُتي رهندي ڪنهن ڏاڍي، پوليس واري، يا ڪنهن داداگير دعويدار کي منٿليون به ڏين ٿا ته جيئن جيئرا رهي سگهن! ڪنهن به معاشري ۾ انصاف جو هجڻ يا نه هجڻ پڻ عام ماڻهن جي غير محفوظيت وڌائي يا گهٽائي ٿو. آمريڪي فلسفي ۽ صنفي علم جي اسڪالر ‘جوڊت بٽلر’ پنهنجي هڪ اهم آرٽيڪل ”تشدد، ماتم ۽ سياست“ ۾ لکي ٿي ته ”ڪنهن به تشدد يا ظلم آڏو بيواهي ٿيڻ ۽ غير محفوظيت جي وچ ۾ ڳانڍاپو آهي“. ان جي ڳالهه کي وڌائيندي، غير محفوظيت جو عنصر صرف آفتن جي صورت ۾ سامهون نٿو اچي. غريب، سياسي ۽ سماجي طور تي بي واهو هجڻ کان به وڌيڪ ٻي ڪهڙي بي رحم ”غير محفوظيت“ ٿي سگهي ٿي!
غير محفوظيت کي سماجي ۽ انتظامي طور تي ڏسجي ته ڪنهن به غريب جي بظاهر ڪيل غير قانونيت/غلطيءَ تي ڪو اسسٽنٽ ڪمشنر، ڪو مختيارڪار، ڪنهن ڊي ايڇ اي جو سيڪيورٽي ملازم، ڪو سپاهي، يا ڪو ٻيو عملدار ’ڪنهن سبزي فروش‘ جي گاڏي کي ”غلط جاءِ تي بيهڻ“ تي سندس روزگار جو الهه تلهه ”سبزي وارو گاڏو“ اونڌو ڇو ٿو ڪري وجهي؟!“ اُهي سڀ عملدار ڪنهن به سگهاري يا طاقتور ماڻهو جي ’وڏن ۽ عاليشان‘ غير قانوني ڪاروبارن کي اونڌو ڇو نٿا ڪن؟! ايئن ڇو آهي، ته بنا ان بحث ڪرڻ جي ته جن ڏوهارين جي آئون ڳالهه ڪيان ٿو، اُهي ڪيترا خطرناڪ ڏوهاري آهن، عام حالتن ۾ چڱا ڀلا پوليس جا عملدار انهن عام ماڻهن کي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪري پنهنجا ڳاٽ اونچا ڪن ٿا! ڪمال اِهو آهي ته ڪن حالتن ۾ هُو عام رستي ويندي ماڻهو کي جيڪو عام آهي، پڻ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪري ٿا ڇڏين! ڪجهه رڙيون ٿين ٿيون، ڪجهه آواز اُٿن ٿا ۽ وري چُپ ٿي ٿي وڃي! ايئن هڪ مخصوص غير محفوظيت، بي وس ۽ غريب ماڻهو جي نصيب ۾ ڇو ٿي اچي؟! ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي، انهن ۾ ڏوهاري پڻ هجن ٿا، پر وڏا ڏوهاري، جن کان ڏوهن کان بچاءُ ڪندڙ ادارتي ماڻهو هر مهيني ڪروڙن جون منٿليون وٺن ٿا، جيڪي بنهه چِٽا نظر اچن ٿا، جيڪي زمينن جي قبضن کان وٺي ادارتي داداگيريءَ تائين ملوث آهن، انهن کي ادارا، قانون ۽ عدالتون نٿا پڪڙن! انهن مان ڪنهن کي غير قانوني ڪم تي هاف فراءِ يا فل فراءِ جو ڪو سوچي ئي نٿو سگهي!
ڪنهن به اداري، انتظامي اهلڪار يا قانون جي واهر ڪندڙ عملدار جا رويا، برتاءُ، وهنوار ”ڪنهن به ماڻهو جي غير محفوظيت، زمان و مڪان واري حالتن ۽ سگهارو يا ڪمزور هئڻ تي دارومدار رکي ٿو. عام غريب ماڻهو جڏهن بظاهر ’ڪُڌو ڪم‘ ڪري ٿو ته ان کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي ٿو، پوءِ کڻي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر مرحوم سڀاڳي خان جتوئي کي چاقو هڻندڙ گاڏي وارو هجي يا يا ڪو ٻيو عام ماڻهو، ان کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو ٿو وڃي.
ماڙي جلباڻي ۾ قهر ڪندڙ اِهي رائفلون سڌيون ڪري ماريندڙن کي پڻ ”ان ڳوٺ، واهڻ، علائقي… جي ماڻهن جي غير محفوظيت جي ڄاڻ هئي، تڏهن اِها بربريت ٿي. سمجهڻ کپي ته ڪنهن به اداري جي عملدارن کي ان لمحي تائين پهچڻ تائين ڏهاڪن جو هڪ پورو پراسيس/عمل آهي. ان کان اڳ ڪيترن ئي انهن جهڙن يا اهڙن واقعن ڪندڙن کي اِهو سڀ ڪجهه ڦٻي چُڪو آهي. اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي هن ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي خاص درن مان لنگهي اچي سامهون ٿيڻ ۽ بي پرواهه ٿيندي ڏٺو ويو آهي.
ڪنهن به معاشري جا بنياد انصاف ۽ قانون جي برابري وارو عمل، عام ماڻهن لاءِ، بلڪه سڀن شهرين لاءِ جان ۽ مال جي حفاظت جو انتظام ۽ بهتر حالتن ۾ روزگار، ڪاروبار ڪرڻ جو هجڻ ان ملڪ جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ اڻٽر آهي. ان ڪري هي وقت آهي جو سڀني سڄاڻ ادارن، سياسي حڪومتن ۽ پارٽين ۽ هن ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ فيصله سازن لاءِ اهم آهي ته گڏجي آئين جي گهاڙيٽي مطابق انصاف، جمهوريت ۽ سلامتيءَ واري عنصرن کي وڌائين.
سنڌ ۾ پوين تقريباً ڏيڍ ڏهاڪي واري طرز حڪمراني ۽ لاڳاپيل حڪومتن کي ’عام غريب سنڌ‘ جي غير محفوظيت وڌائڻ واري ڪردار جي مٿان ”ڇڏيوس، ڌوڙ وجهوس“ وارو رويو رکي نٿو سگهجي! عام سنڌ کان ميرٽ جون نوڪريون کسيندڙ، غريبن ۽ بيواهن جي ٻنين کي گاهه ۽ ڪڻڪ جو پاڻي نه ڏيڻ، پر سڌن، ڪئي ڪلو ميٽر ڊگهن واٽرن ذريعي وڏن جا باغ ۽ ڪمند آباد ڪندڙ، عام غريب لاءِ سرڪاري سهولتن ۽ خدمتن جن ۾ رستا، اسپتالون، دوائون، واهه، ڊرينون، راند جا ميدان، عمارتون ۽ تعميرون شامل آهن، انهن مان ڀرين ۾ ناڻو کڻي صرف پنهنجا گهر ڀريندڙن، ڪمزور اڏاوتي نظام کڙا ڪري هر ڪجهه سالن کانپوءِ سنڌ کي ور ور ٻوڙيندڙن، منشيات ۽ ٻين ڳرين منٿلين عيوض پنهنجا اقبال بلند ڪندڙ، ڏينهن ڏٺي جي قاتلن ۽ ٻارڻين کي زنا ڪري ماريندڙن کي ضمانتون ڏيندڙ، هي سڀ ڳٺ جوڙ سنڌ ۽ پاڪستان سان سڌي سنئين دشمني آهي.
سڄي دنيا ۾ طرز حڪمراني ۽ سياست تي ٿيندڙ تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ترقي، استحڪام ۽ ناماچاري لاءِ عام ماڻهن جو ادارن تي اعتماد ضروري آهي. اِهو اعتماد عملي ڪمن سان پيدا ٿيندو آهي. پاڪستان اُهو ملڪ آهي، جنهن جا شهري، هڪ سروي مطابق 89 سيڪڙو پنهنجي ملڪ تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهن! دنيا جي ڪنهن به ملڪ جا ايترا سيڪڙو ماڻهو پنهنجي وطن لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن. ڇا ايتري وفا، سچائي رکندڙ غريب عوام کي ڪنهن غلط/اطلاع، عام خبر يا ڪنهن ٻئي سبب گوليءَ جو بک بڻايو ويندو!؟ هاري، مزدور ۽ بي هٿيار عورتون، ايئن پنهنجي ئي اڱڻن ۾ ماريون وينديون!؟
ادارتي وقار، ساک ۽ عام ماڻهن جي نظر ۾ انهن جي عزت لاءِ ضروري آهي ته ان ڏس ۾ عملي قدم کنيا وڃن. هي وطن سمورن پاڪستانين جو آهي، ان کي ڪنهن تنگ ۽ ڪُند نظر سان نه ڏٺو وڃي. پاڪستان کي سياسي، سماجي، اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ سياسي عدم استحڪام جا وڏا چئلينج سامهون آهن. ان کي سياسي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا عام پاڪستاني جي پُٺڀرائي ۽ مدد سان، خاص ڪري انهن جو اعتماد بحال ڪري ئي مُنهن ڏئي سگهن ٿا.
عام غريب جي وڌندڙ غير محفوظيت کي گهٽائڻ لاءِ گهڻ رُخو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ سڀ کان پهريون قدم ماڙي جلباڻي جي واقعي جي اڻ ڌري عدالتي تحقيق ڪرائي، ثابت غلطي ڪندڙن کي قانون مطابق سزائون ڏيڻ آهي!