ڪراچي ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي، محسوس ٿيندڙ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، موسميات اکتي موجب شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ،  اڄ به موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي، ڪراچي سخت گرمي جي لپيٽ ۾ رهيو، جتي محسوس  ٿيندڙ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي وئي، انگن اکرن موجب جناح ٽرمينل تي 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ، گلستان جوهر ۾ 40 ڊگري، شاهراهه فيصل تي 39 ڊگري، ماڙي پور ۾ 38 ڊگري ۽ بن قاسم ۾ 34.6 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جون مهيني دوران ڪراچي ۾ گرمي پد 35.9 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي، جڏهن ته ڪالهه گرمي پد معمول کان 4.1 ڊگري وڌيڪ رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.