ميرپور ۾ پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جا وڌيڪ 24 ميمبر گرفتار

ميرپور (م ڊ) ميرپور ۾ پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي سان لاڳاپيل وڌيڪ 24 ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر چوڌري ساجد اسلم موجب گرفتار ڪيل ڪيترن ميمبرن پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي ايڪشن ڪميٽي کان عليحدگي اختيار ڪئي آهي ۽  پنهنجا وڊيو بيان پڻ رڪارڊ ڪرايا آهن، ڊي سي چيو ته وڌيڪ شڪي عنصرن تي نظر رکجي پئي وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته وڳوڙن ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي جاري رهندي، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم تي واپارين کان زبردستي دڪان بند ڪرائڻ جا الزام پڻ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.