سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي وسيلن گئس، پاڻي ۽ بجلي جي ڦرلٽ خلاف قاسم آباد ۾ سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.،مظاهري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته گئس ۽ ڪوئلو سنڌ مان  نڪري ٿو، پيٽرول ۽ بجلي جي پيداوار به سنڌ جي آهي پر سنڌ جي بدقسمتي آهي ته هتي نه بجلي نه گيس ۽ نه ئي پاڻي ملي ٿو، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سڄو سڄو ڏينهن بجلي بند رهي ٿي. وڏي عرصي کان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جاري آهن، سنڌ جي حصي جي پاڻي تي به ڌاڙو هنيو ويو آهي. جنهن ڪري سنڌ جون زمينون سڪي رهيون آهن، وسيلن جي ڦرلٽ سبب سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ورچڙهيل آهن، سنڌ جا حڪمران عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن کي متحد ٿي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، اسان کي وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي هاڻي خاموش ٿي ناهي ويهڻو، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان تي اچڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.