”ڪون سا Law  ايسا ڪهتا هي؟“

ڄام صنم سنڌي

ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي ته ”منھنجي خاموشي جو مطلب اھو ناھي ته مان آسپاس جي ماحول کان بي خبر آھيان پر منھنجي اوسي پاسي ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رھيو آھي اصل ۾ اھو گفتگو جي لائق ناھي“ اھو سچ ته آھي جتي چور چڱا مڙس بنجي وڃن، ڌاڙيل ڌرتي ڌڻي سڏائن، حرام خور ڪرسين تي ويھن، بي ضمير ڀوتار بڻجي وڃن، عزت واري ۽ اشراف کي ڪا اھميت نه ملي، لوسي ھر محفل ۾ مانُ لھن ۽ حق ۽ سچ کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ لاءِ فيصلا ڦورو ڪرڻ لڳن ته پوءِ اتي ڇا تي گفتگو ڪجي، ڪھڙي گفتگو ڪجي ۽ ڪنھن سان گفتگو ڪجي؟ ڇو ته اڪثريت جڏھن ناحق جي حمايت ڪرڻ لڳي، گھڻائي بد ڪردارن کي ڀلو چوڻ لڳي ته پوءِ اتي خاموشي سڀ کان بھتر شي ھوندي آھي مشھور شاعر اڪبر اله آبادي جو شعر آھي ته:

پیدا هوا وکیل تو ، شیطان نے کها،

لو آج هم بھی صاحبِ اولاد هو گئے۔

ڪنھن به ڪيفيت يا ڳالهھ جو اظھار سڀني لاءِ ناھي ھوندو پر ھا اڪثريت لاءِ ضرور ھوندو آھي ڇو ته جڏھن به ڪا شي يا ڪو عمل گھڻائي جي صورت اختيار ڪري وڃي پوءِ اھو سٺائي جو ھجي، نيڪيءَ جو يا وري برائي ۽ بديءَ جو ته اھو ڳائجندو يعني ان جو چرچو ضرور ٿيندو آھي اڪبر اله آبادي به ضرور مٿيون شعر ڪنھن نه ڪنھن پسمنظر کي نظر ۾ رکندي سرجيو ھوندو ھن وقت جيڪي ھر پاسي افسوس ۽ ڳڻتيءَ جھڙيون حالتون آھن انھن ۾ گھڻي ڀاڱي قانون جو ھٿ آھي ڇو ته جتي قانون ۽ انصاف سچائي سان ڪم ڪندو آھي اتي بد امني ۽ بدحاليءَ جو سوال ئي پيدا ناھي ٿيندو جتي به قانون ڪمزور ٿيندو آھي اتي برائي، وحشت، دھشت ۽ ظلم عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏيندو آھي. اسان وٽ ھن وقت جھڙيون حالتون آھن ته  اھي شديد افسوس ۾ مبتلا ڪرڻ کان گھٽ ناھن ڪا گھڙي، ڪو پل اھڙو ناھي جنھن ۾ ڪا بري خبر رپورٽ نه ٿيندي ھجي، ڪو ظلم جو شڪار نه ٿيندو ھجي.

ڪنھن ڳالھه تي اڪبر اله آبادي عدالت ۾ چڙ مان چيو ” کون سالا ایسا کهتا هے؟“ ته وڪيل پنھنجو شعر وارو شيطاني ڪردار ادا ڪندي يڪدم چيو مائي لارڊ ھن عدالت جي توھين ڪئي آھي، گار ڏني اٿس ان ڪري ھن کي سزا ڏني وڃي، قانون جي پرڪارن کان واقف اڪبر اله آباديءَ يڪدم چيو مون اھڙو ڇا چيو آھي جو سزا ٿو ڏيارين، بس اھو ئي چيو اٿم ته ”کون سا Law  ایسا کهتا هے؟“ اسان وٽ به مظلوم يا ته دانھين ڪونه ٿا ۽ جي ڀلجي فرياد ڪن به ٿا ته اڪبر اله آبادي جيان انڌي مورتيءَ اڳيان بيان مٽائي موٽي ٿا اچن ڇو ته کين انصاف ملڻ ته پري رھندو سِر جو الڪو ورائي ويندو آھي.

اھو ئي سبب آھي جو ظلم جي وحشت، قانون جي بالادستي نه ھجڻ سبب لاقانونيت جو ڪوٽ پائي گھٽي گھٽي ناانصافي جي تارازي کڻي سِر، گھر ۽ عزتون توريندي ٿي وتي ملڪ ۾ ھُو جو عالم ڇانيل آھي ۽ منصف جن کي ھاڻي قلم به منصف لکڻ مھل ڪاغذ تي اٽڪي پوندو آھي اھي من پسندي کي عدل جو نالو ڏئي انصاف کي ايڏو لڄائي رھيا آھن جو ھاڻي حق ۽ سچ ھيراڦيريءَ کان هراسجي ماٺ جي منڊ ھنيو ويٺو آھي ڇو ته جيسيتائين عدالتن جو در فقط طاقتور لاءِ کلندو پر ڪمزور ۽ غريب سندس ٻاھران ئي چڪر ڪٽيندو رھندو تيسين ڀيانڪ الميا ٿيندا رھندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.