قصو گذاري ويل هڪ اديب سان ملاقات جو…

شازيه مظهر

ھتي اسان ھڪ عجيب معاشري جا رھواسي آھيون، جتي عجيب رويا رکندڙ ماڻھو آھن. زندگي ۾ اھميت ڪونه ڏيندا مري وڃڻ کان پوءِ  ڪجھه  ڏينھن گيت ڳائيندا پوءِ  ڪير تون ڪير آئون واري روش اختيار ڪندا جڏھن ته اديب ڪڏھن به مرندو ناھي اھو پنھنجي ڪم، پنھنجي ويجھڙائي وارن رشتن ۾ پنھنجي دوستن ۾ ۽ انھن رستن ۽ جاين ۾ جتي ھو اڪثر پنھنجو ٽائيم گذاريندو هو سو اتي زنده رھندو آھي .

ھاڻي اوھان کي ھڪ آکاڻي ٿي ٻڌايان جنھن کي ٻڌي اوھان ضرور حيران ٿي ويندئو.منھنجو سنڌي ادب سان  گھڻو ويجھڙائي وارو ناھي رھيو  ھا پر ادب جي شاگرد آھيان ان ڪري انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب کي ٿورو ضرور پڙھيو آھي. امر جليل منھنجو فيورٽ ليکڪ رھيو ڇو جو ھن جي لکڻي ۾ مونکي خليل جبران نظر ايندو ھو. اشفاق احمد کي به گھڻو پڙھيو ، اھڙي ريت انگريزي ادب ۾ جان ملٽن متاثر ڪندو رھيو. انھن سان انھن جي ڪم ذريعي ملاقاتون رھيون. انھن سڀني سان ملاقاتون انھن جي ڪمن جي ڪري ٿيون انھن جا انمول ڪتاب انھن جي صورت بڻجي منهنجي ننڍڙي لائبريري ۾ مون سان ملاقات ڪندا رھيا.

ايئن ھڪ ڏينھن منھنجي ملاقات ھڪ اھڙي اديب سان ٿي  آھي جيڪو بقول دنيا وارن جي ھن دنيا ۾ ناھي. آئون ھن اديب کان تمام گھڻي متاثر ٿي وئي آھيان. ھو فيس بڪ تي به ھوندو آھي واٽس اپ تي به مختلف گروپس ۾ به آھي.ھن جو ڪم تعريف جوڳو آهي، ڪڏھن ھو عورتن جو ھڏ ڏوکي نظر آيو، ڪڏھن وطن سان پيار ڪندڙ مجاھد لڳو، ڪڏھن ھڪ  سچو تاريخدان. ڪڏھن ملڪ جي سياسي حالتن تي نظر رکندڙ بھترين تجزيي نگار لڳو، ڪڏھن مذھب جي ٺيڪيدارن جي خلاف ٿي مارڪسزم جي نظريي تي عمل ڪندڙ ھڪ سچو انسان،  ڪڏھن ظلم ۽ جبر جي خلاف کليل آواز  لڳو، ڪڏھن وري ميڊيا تي ميزباني جا جوھر ڏيکاريندڙ ھڪ بھترين اينڪر  ۽ وري ڪڏھن پاڻ مھمان ٿي ٻڌندڙن کي حيران ڪندڙ ھڪ وڏو اديب نظر آيو، ھو ڀٽائي جو خاص دوست آھي. ڀٽائيءَ جي دور جو ته ناھي  پر دوست ٿيڻ لاءِ  اوھان جو ان دور سان يا ان وقت سان وابسته ھجڻ ضروري ڪونھي.

اوھان جا نظريا، اوھان جي سوچ جو انداز، اوھان جا خيال جيڪڏهن ھڪ آھن ته اوھان جو تخيل ٽائيم مشين جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ ملاقات ٿي ويندي آھي. شاھ جو ڪم مطلب ته شاھ جو سڄو رسالو خود پاڻ لطيف آھي اسان جڏھن ڪنھن سان ملندا آھيون ته اسان جي ملاقات فقط  ھڪ ڀت سان نه پر  اسان جي ملاقات ان جي سوچ ان جي نظريي ۽ خيال سان ٿيندي آهي.

اسان روز ڪنھن نه ڪنھن مري ويل (ھي لفظ انھن لاءِ  جيڪي سمجھن ٿا ته ھو مري ويا آھن) سان ملاقات ڪندا آھيون.  پر ھي اديب جنھن سان هاڻي  منھنجي ملاقات ٿي آهي سو  تمام گھڻو خوش نصيب اديب آھي. ھا جيڪڏهن چئجي ته سنڌ  جي سڀني علمن تي عبور حاصل اٿس ته غلط نه ھوندو. ھي منھنجو تمام وڏو بيان آھي جيڪو شايد ھضم نه ٿئي پر ان ۾ ڪا قباحت ڪونھي ھي منهنجو موقف  آهي اوھان جو متفق نه ٿيڻ اوھان جو حق آهي. منهنجي نظر ۾ شمشيرالحيدري وڏي پائي جو شاعر ۽ اديب آھي اها به منهنجي راءِ آھي مونکي پسند آھي. مونکي ھن جي لکڻي پسند آھي. منھنجو حق آهي ته آئون پنهنجي راءِ رکي سگھان ٿي. پر راءِ رکڻ جو مقصد اھو ناھي ته اوھان ٻئي جي راءِ تي ٺٺوليون ڪيو.

جڏھن منھنجي ان اديب سان ملاقات ٿي ته مونکي  خوشي سان گڏ ٿورو افسوس به ٿيو ته ڪاش ساڳئي ريت منهنجي ٻين اديبن سان به ھن ريت ئي ملاقاتون ٿينديون رھن. استاد بخاري سان ان جي ڪتابن ۾ ملاقات ٿي ويندي آهي پر بدقسمتيءَ سان روبرو نه ٿيندي آهي.

پر جنھن اديب ۽ ڏاھي جو ذڪر مون شروع ۾ ڪيو جنھن سان روز ملندي آهيان. تنهن سان منهنجي ملاقات سندس پٽن ذريعي ٿي. آئون سمجھان ٿي ته اديب رڳو ڪتابن تائين محدود نه ھجي پر ھو جيڪو چوي ٿو جيڪو ڳالھائي ٿو جيڪو لکي ٿو اھو سڀ ھن سان لاڳاپيل ويجھڙائي وارن رشتن مطلب اولاد ۾ به اھو رنگ ۽ اھو اثر نظر اچي ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان پنهنجي اولاد جي تربيت اھڙي ريت ڪئي آهي جو انھن سان ملڻ وقت ائين لڳندو آهي ته اسان اديب جي فڪر سوچ ۽ خيال سان ملون پيا.

چوندا آھن ته ضروري ناھي اديب جو پٽ اديب ٿئي پر اديب جي تعريف اسان محدود ڪري ڇڏي آهي ته لکڻ پڙھڻ سان لاڳاپيل شخص اديب آھي پر نه اديب ھڪ سوچ جو نالو آهي. اديب زندگي جي ترجماني پنھنجي ڪردار سان ڪندو آهي ۽ ھي ڪردار ھن جي اولاد ۾ عڪس بڻجي ھميشه لاءِ  ان کي جيئرو رکندو آهي. ان ۾ ڪنهن شڪ جي ڳالھه  ڪونھي ته ھڪ سچو اديب ئي سڄو بار پنهنجي مٿي تي رکي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندو آهي جنھن کي بعد ۾  ان سان پيار ڪندڙ يا پوئلڳ يا وري ادب کي صحيح معني ۾ سمجھندڙ ان جي تعليم کي ٻين تائين پھچائيندا آھن.

اسان وٽ بدقسمتي سان ڪو اديب يا ڪو آرٽسٽ مري ويندو آهي ته اسان ڪجھه  ڏينهن ان جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪندا آھيون يا وري ڪنھن فيسٽيول ۾ ياد ڪندا آھيون پر ھن کي جياري رکڻ ھر ڪنھن جي وس جو ڪم ناهي پر جيڪڏهن اهو ڪم اديب جي اولاد، وارث يا ان جا دوست ڪن ته اها واکاڻ جهڙي ڳالهه آهي ۽ مڃڻ گهرجي. اسان وٽ اتساهه ڏيڻ جي ڪمي آھي. اسان ڪنھن تعريف جوڳي ڪم ته به تنقيد ڪندا آھيون ته پنهنجن جي ٿا تعريف ڪن.

اصل ۾  اسان ۾ موجود ساڙ اسان کي محدود  ڪري ڇڏيو آھي ان ريت فيض جي ڌيءَ جيڪڏهن  پنهنجي پيءُ  جي تعريف ڪري ٿي يا ان تي فخر ڪري ٿي ته ان ۾ ڪھڙي قباحت آهي. سندس پيءُ ان جو آئيڊيل آھي ته اها چئي سگھي ٿي اها پنھنجي پيءُ جي تعريف ڇو نٿو ڪري سگھي. ان کي ايتري آزادي ته ھجڻ گھرجي ان تي تنقيد جي نه پر خوش ٿيڻ جي ڳالھه  آھي ته اسان جي سنڌ ۾ اھڙا ھيرا موجود رھيا آھن. جيڪڏھن اوھان يا اسان  اديبن کي فقط لائيبريري جي ڪتابن تائين محدود ڪيو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ انھن تي تنقيد نه ڪيو جيڪي انھن کي پنھنجي عمل ۽ ڪردار ۽ ادبي ميڙاڪن ذريعي زنده رکيو ويٺا آهن.

تنقيد ادب جي سونھن رھي آھي. تنقيد ضرور ڪجي پر تنقيد جا به ڪجهھ اصول آھن. ساڙ ۽ تنقيد ۾ فرق ھجڻ گھرجي اسان بنا مطالعي جي ڪنھن ھڪ سٽ کي پڙھي پوءِ  ان تي ويھي وڏا تبصرا ڪندا آھيون جنھن ۾ بس گاريون ناھيون ڏيندا باقي سڀ ڪجھه  ھوندو آھي.

سو منهنجي ملاقات انور پيرزادي  سان ٿي آهي جنهن کي مون زندگي ۾ نه ڏٺو پر سندس اولاد ان جا جيڪي ڪتاب ڇپايا تن ذريعي ساڻس ملاقات ٿي. سندس اولاد ۾ مونکي ان جو چٽو عڪس ملندو آهي. ھو اڄ به زنده آهن پنهنجي ڪم ذريعي پنهنجي سوچ ۽ فڪر ذريعي پنهنجي بھترين  تربيت ذريعي.

آخر ۾ بس ايترو چوندم ته ادب ۽ اديب جو احترام ڪيو. تنقيد برائي تنقيد نه پر تنقيد براءِ اصلاح ڪيو. ادب اڄ جي دور جي ضرورت آھي ۽ ھر سٺو اديب ادب جي سڀني صنفن کي پنهنجي پنهنجي فھم ۽ علم ذريعي دماغ ۾ ضرور ويھاريندا  آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.