اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آرمي چيف هدايتون ڏنيون آهن ته جيڪو به اسمگلنگ ۾ ملوث هوندو ان جو ڪورٽ مارشل به ٿيندو ۽ جيل جي سزا به ماڻيندو.اسلام آباد ۾نگران وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته فوج پنهنجي احتساب جي نظام کي 9 مئي جي واقعن خلاف ڪارروائي ۾ ثابت ڪري چڪي آهي. اسمگلنگ اٺن تي نه پر ٽرڪن ذريعي سيڪيورٽي ايجنسي جي سامهون ٿيندي آهي. اسمگلنگ ۾ سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا به آهن. جاچ ۾ ڪجهه به نڪتو ته اهو سامهون آندو ويندو،سرفراز بگٽي اسمگلنگ ۾ سيڪيورٽي ايجنسين جي ملوث هئڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته توهان جي اها ڳالهه گهڻي حد تائين درست آهي ته جيڪڏهن مان چوان ته سيڪيورٽي ايجنسيون ملوث ئي ناهن ته اهو مناسب ناهي، ڇو ته جيتري به اسمگلنگ ٿي آهي اها ڪا اٺن تي ناهي ٿي، اسمگلنگ ٽرڪن تي ٿي رهي هئي، سرفراز بگٽي چيو ته اسان هڪ مهينو اسمگلنگ جي خلاف ڪوششون ڪيون. قانوني ڪم ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪري رهيا آهيون. غيرقانوني ڪم کي هاڻ رياست سختي سان منهن ڏيندي. پيٽرول ۾ ملاوٽ ۽ مقدار ۾ گهٽتائي تي پيٽرول پمپ جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.نگران گهرو وزير چيو ته سمورن صوبن جو فوڊ جي حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي ته جيئن خبر پوي ته خوراڪ جي ڪيتري ضرورت آهي. اسان هينئر تائين 2200 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪي، ڊالر جي غيرقانوني ترسيل تي 168 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. ڊالر جي اصل قيمت جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ منشيات جي خلاف مهم هلائي رهيا آهيون. منشيات جي خاتمي واري عدالتن جي ڪيسن ۾ 80 سيڪڙو سزائون ٿيون آهن. اسان وٽ وقت گهٽ آهي ان لاءِ روزاني جي شين تي ڌيان آهي. مستونگ ڌماڪي بابت جاچ جاري آهي ۽ ان حوالي سان حقيقتون سامهون آڻينداسين. هڪ سوال جو جواب ڏيندي سرفراز بگٽي چيو ته ملڪ واپسي تي نوازشريف سان قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. جيڪڏهن نوازشريف ملڪ واپس اچي سياست ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ته اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي. نوازشريف ته اهو اڳواڻ آهي جيڪو ڌيءَ سميت جيل وڃڻ لاءِ پهچي ويو هو.