اسمگلنگ سيڪيورٽي ادارن جي نڪ هيٺيان پئي ٿئي: سينيٽر مشتاق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان سرفراز بگٽي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو آهي ته توهان بلڪل  صحيح ٿا چئو ته اسمگلنگ ٽرڪن تي ٿي رهي آهي اُٺن تي نه ۽ اها سيڪيورٽي ادارن جي نڪ هيٺان ٿي رهي آهي ۽ سرحد ۽ سمنڊ جي ٻنهي پاسن کان اسمگلنگ ٿي رهي آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين، اٽي، کنڊ جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي. شراب، سيمينٽ، يوريا ۽ پيٽرول ۽ ان کان سواءِ دوائون،تنهن ڪري گهرو وزير کي گهرجي ته ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين قوم آڏو آڻي.اهو 9 مئي کان به وڏو ڏوهه آهي، جنهن ۾ جناح جي پاڪستان کي تباهه ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.