فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڌرين کان 27 آڪٽوبر تائين جواب طلب

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ 4 صفحن تي مشتمل ڪيس جو فيصلو لکيو.اسلام آباد: سپريم  ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ 4 صفحن تي مشتمل ڪيس جو فيصلو لکيو. عدالت حڪم ۾ چيو ته سمورن ڌرين کي فيض آباد ڌرڻي بابت حقيقتون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي، ڌريون حلف نامن ذريعي ڪيس سان لاڳاپيل حقيقتون پيش ڪري سگهن ٿيون. عدالت حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته ڪيس ۾ لکت ۾ جواب 27 آڪٽوبر تائين جمع ڪرايو وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ٿيندي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪجهه ماڻهن سرعام چيو ته کين خبر آهي ته ڇا ٿيو آهي، هنن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالت سندن راءِ کي نظر ۾ نه رکيو آهي، فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي جي پيراگراف 17 تحت اهو موقف عدالت لاءِ حيران ڪندڙ هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.