جڙتو ايف آءِ آر رد ڪيون ٿا، چيف جسٽس نوٽيس وٺي: رياض چانڊيو

سڪرنڊ: ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ چڙھائي واري واقعي بعد سرڪار پاران مقتول جي وارثن ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف  جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو پاران سخت رد عمل ظاهر ڪندي ڄاڻايل ايف آئي آر کي رد ڪندي ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي مسڪين پورهيت ماڻھن تي سي آئي اي انچارج انسپيڪٽر مقصود مڱڻھار پاران جڙتو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي تہ گھر ۾ ويٺل پورھيتن تي رياستي ڏاڍ ذريعي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سڌيون گوليون هلائي چئن ڳوٺاڻن کي شھيد ڪري پنج ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڪوڙي ايف آئي آر کي نٿا مڃون. چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون تہ عدالتي تحقيقات ڪرائي مسڪين پورهيت ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.