راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) وائس آف راڻيپور هندو پنجائت ۽ يونائيٽڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري ۽ مغوين جي آزادي لاءِ ڪئمپ تان پيادل ماچ سکر روانو ٽن ڏينهن جي سفر بعد سکر پريس ڪلب پھچندو جتي احتجاجي ڪئمپ لڳائي پيادل مارچ جي اڳواڻي ڊاڪٽر نذير کوکر، سڪندر سرڪي، روشن لغاري، نويد سهتو، عطا محمد ڀٽو ساجد مڱريو، مدد علي ملاح، امام بخش شاھاڻي، مراد شاھاڻي سبحان ميمڻ ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور ۾ 27 ڏيهن کان پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪئمپ جاري رکي وئي، اڄ پيادل مارچ راڻيپور مان نڪتو آھي جيڪو ٽن ڏينهن جو سفر ڪري سکر پريس ڪلب پھچندو جتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي پريا ڪماري محرم جي مهيني ۾ امام حسين عليه السلام جي سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي جنهن بعد ان جي امڙ مسلسل احتجاج ڪيا پنهنجي اکين جا لڙڪ هاريندي رهي پر پوليس پريا کي بازياب نه ڪرائي سگهي اسان جو هي پيادل مارچ سکر پريس ڪلب تي پهچي ڪئمپ قائم ڪنداسين اسان جو هي احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين پريا ڪماري سميت سنڌ مان سمورن مغوين کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي.