ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف شهري عوامي محاذ جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) شهري عوامي محاذ مهانگائي خلاف پهرين آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ڪراچيءَ جي مختلف علائقن   ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد پهرين آڪٽوبر تي اورنگي ٽائون 5 نمبر چورنگي تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته ڪالھ حسن اسڪوائر ڀرسان سوڪ سينٽر ٻاهران مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ناصر منصور، ڪامريڊ گل رحمان، رياض عباسي، زهرا خان، عاقب حسين، نادرا بيگم، سائرہ فيروز کهڙو، بلاول خان، شهزاد مغل، فائزہ صديقي ۽ ٻين مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مهانگائي عوام جي زندگي مشڪل ڪري ڇڏي آهي، آمدني ۽ خرچن جي حساب ۾ ٽي حصا فرق اچي ويو آهي، جنهن سبب زندگي جون ضروري شيون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن، جڏهن ته تعليم، صحت ۽ رهائش لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.