ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ رينجرز گڏ ڪم ڪن پيون: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنياد تي  آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ رينجرز ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سيف سٽي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سولو ٿيندو، ڏوهن جي رجحان ۾ غربت، غير قانوني پرڏيهي ۽ ڊرگ مافيا شامل آهن، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان نيشنل سڪيورٽي اينڊ وار ڪورس ٽوئنٽي فور ملاقات ڪئي، نگران صوبائي وزير، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، نگران وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي سموري ملڪ جي ترقي برابر  آهي، ڪراچي صنعتي ۽ ڪاروباري حساب سان معاشي مرڪز آهي. سنڌ ۾ مذهبي ۽ فرقيوار ڀائيچارو مثالي آهي، نگران وڏي وزير  شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا، هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، اسٽريٽ ڪرائيم جا غربت، غير قانوني پناهگير ۽ ڊرگ مافيا سميت ٻيا سبب آهن، هو سڀني کي ڏسي رهيا آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.