سڄي سنڌ مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن: آءِ جي سنڌ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) آءِ جي سنڌ جي عدالت جي آڏو وڏو انڪشاف ڪيو ويو آهي، سنڌ۾ روپوش جوابدارن جي انگ 50هزار58 آهي ۽ رڳو لاڙڪاڻي ۾ 23هزار کان وڏي تعداد روپوش جوابدارن جي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بلڊيا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ روپوش جوابدار حماد صديقي سميت ٻين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر سميت ٻيا آفيسر پيش ٿيا، عدالت ۾ آءِ جي سنڌ سڄي صوبي مان روپوش ٿيل جوابدارن بابت رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت پاران 50 هزار کان وڌيڪ مفرور جوابدارن جا شناختي ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، آءِ جي سنڌ رپورٽ ۾ چيو ته سڄي صوبي مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مفرور جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي، عدالت پاران سنڌ صوبي جي مفرور جوابدارن جي انگن اکرن تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ۾ چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ به سنگين ڏوهه آهي، عدالت چيو ته صوبي ۾ ڪا به سياسي حڪومت ناهي، ڪو به ڪامورو جوابدارن جي گرفتاريءَ ۾ مداخلت نه ڪندو، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ روپوش جوابدارن سبب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن جا 23 هزار مفرور آهن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڇا پيو ڪري؟ آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته مان 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به تازو ئي مقرر ٿيو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اسان کي نگران حڪومت کان وڏيون اميدون آهن ته هو روپوش جوابدارن کي گرفتارڪرڻ ۾ مدد ڪندي، عدالت رمارڪس ڏنا ته مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، اسان ڪنھن ٻئي آءِ جي جو انتظار نه ڪنداسين، عدالت سنڌ ۾ روپوش جوابدارن جو شاختي ڪارڊ، بئنڪ اڪائوئنٽس ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.آءِ جي سنڌ رفعت مختار پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ روپوش جوابدارن جي فهرست ۾ باني ايم ڪيو ايم جو نالو به شامل آهي، سنڌ ۾ روپوش جوابدارن مان 8 پرڏيهي فرار ٿي ويا آهن، باني ايم ڪيو ايم ويسٽ جي هڪ ڪيس ۾ 1992ع کان لندن ۾ روپوش آهي، هن چيو ته سڪرنڊ واقعي خلاف وڏي وزير جي جوڙيل ڪاميٽي جو گذريل ڏينهن اجلاس ٿيوآهي، اڄ به ڪاميٽي جا ممبر اتي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.