حڪومت ۽ رياستي ادارا مقتولن جي وارثن کان معافي وٺن: ايس يو پي

سڪرنڊ (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ماڙي  جلباڻي واقعي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ۾ شهيد ٿيل ڳوٺاڻن جي وارثن خلاف رياست طرفان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آھي ته شھيدن جي وارثن تي دٻاء وجھڻ لاء جعلي ۽ من گھڙت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ته جيئن وارث پنهنجي ايف آءِ آر واپس وٺن جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ھي حڪومت جي ھڪ کليل دهشتگردي آهي  هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان حڪومت ۽ رياستي ادارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر چئون ٿا ته ھو پنھنجي ڏوھ جو اعتراف ڪندي مقتولن جي وارثن کان معافي گهرن، ھن چيو ته جن ماڻهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪيا ويا آهن اهي اتي رھن ئي نٿا، ماڙي جلباڻي واقعي تي  سنڌ جو نگران گھرو وزير پھريان ئي ڪيترا ڀيرا گمراهه ڪندڙ بيان ڏئي چڪو آهي جيڪو قابل مذمت ۽ شرمناڪ عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.