سڪرنڊ سانحي خلاف جسقم جو ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جسقم جساف طرفان سڪرنڊ سانحي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سڪرنڊ سانحي  پوليس جو ماڙي جلباڻي ۾ سنڌي ماڻهن جي قتلام خلاف شديد نعري بازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن والي ڏنو سنڌي حفيظ سنڌي بشير خان رفيق لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي دوران فائرنگ ۾ بي گناه مارجي ويل ڳوٺاڻن جي قاتلن کي ڪابه سزا نه اچي سگهي آهي ۽ نه ئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي هنن چيو ته سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيس ۾ نالا ظاهر ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.