سڪرنڊ(رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس پاران فائرنگ ڪري قتل ڪيل چئن ڳوٺاڻن واري واقعي بعد CIA انسپيڪٽر مقصود رضا مڱڻهار جي فرياد تي ماڙي جلباڻي ٿاڻي گناهه نمبر 38 سال 2023 قلم 6/7ATA, 324,353,147,148,149,337A1,337F1 PPC تحت ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سرڪار پاران فرياد آهي ته مورخه 27.09.2023 تي اسان پنهنجي آفيسر CIA سينٽر نوابشاهه ۾ موجود هئاسون ته اسان کي جناب SSP صاحب شهيد بينظيرآباد جن جي طرفان حڪم مليو ته الفا ون اوهان سان رابطو ڪندو جو ان بعد الفا اسان سان رابطو ڪيو ته اسان کي سڀاڻي 05 سرڪاري موبائلون پوليس نفري سميت مدد لاءِ گهربل آهن جنهن فون بعد اسان جناب SSP صاحب شهيد بينظيرآباد جن کي واقف ڪيوسون جن اسان کي سندن جي مدد ۾ وڃڻ جي پرميشن ڏني ۽ حڪم ڪيو ته سندن جائز مدد ڪندا جو مورخه 28.09.2023 تي اسان وٽ CIA سينٽر شهيد بينظيرآباد الفا ون الفا ٽو اسٽاف سميت ۽ 03 رينجرس جون موبائلون اسٽاف سميت رينجرس جي اڳواڻي DSR ضيا ۽ انسپيڪٽر آصف ڪري رهيا هئا آيا ۽ ظاهر ڪيون ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ لياقت ولد شهمير جلباڻي پاڻ ڌماڪيدار مادو رکيو ويٺو آهي ۽ پاڻ وٽ پابندي پيل تنظيم جا ماڻهو رهائي ويٺو آهي جيڪي ڪنهن دهشتگردي جو منصوبو جوڙي رهيا آهن جن تي ڪارروائي ڪرڻي آهي جو بروقت آيل آفيسران کي اسٽاف سميت سرڪاري گاڏين ۾ ۽ اسان بمعه اسٽاف هر هڪ PC/2125 اعجاز علي ، PC/2092 ناصر حسين لٺين سان ، PC2777 امجد علي ، PC/32816 حبدار علي سرڪاري اسلحه ايمونيشن سميت باوردي ساڻ ڪري سرڪاري گاڏي نمبر SPN/415 ۾ ڊرائيور عطا محمد سميت الفا ون ۽ الفا ٽو ۽ رينجرس جي گاڏين کي ساڻ ڪري CIA سينٽر نوابشاهه جي روزنامچه عام جي انٽري نمبر 08 تاريخ 28.09.2023 وقت 1300 بجه موجب ڳوٺ ماڙي جلباڻي لاءِ روانا ٿياسون ۽ بذريعه ڪنٽرول SHO SBA بي سيڪشن نوابشاهه SHO ايئرپورٽ نوابشاهه ، SHO وومين ۽ چلڊرين SBA ، SHO کڏهر، SHO بالوجا قبا کي بالا آفيسرن جي حڪم کان واقف ڪري ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچڻ لاءِ چيوسون ڳوٺ پهتاسون. جوابدار لياقت جلباڻي جي گهر تلاشي دوران ڳوٺ جا اٽڪل 200/250 ماڻهو جن جي اڳواڻي رجب جلباڻي ، حريف جلباڻي، جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون لوهي سريا جن هنگامو ڪري اسان کي گهيرو ڪري ورتو. اسان جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءَ ڪيو.اسان لاٺي چارج ڪري ٻاهر نڪتاسون ته پويان بيٺل رينجرس ۽ ٻين گاڏين مان ٻن ڄڻن کي لاهي ورتا جو رينجرس جي جوانن کي ڇڏرائڻ لاءِ سامهون ڇت تي بيٺل غلام رسول ، موريو ، منير ۽ ٻن اڻ سڃاتل ذات جلباڻين جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون هيون رينجرس مٿان فائرنگ ڪئي ۽ خون ڪرڻ جي ارادي سان اسان مٿان فائر ڪيا ۽ رينجرس جي ٻن جوانن انسپيڪٽر محمد آصف ، حوالدارعبدالرشيد، سپاهي محمد اويس ، سپاهي محمد نعيم کي زخمي ڪيو. جن کي ماڙي جلباڻي ٿاڻي تان ليٽر ڏياري نوابشاهه اسپتال روانو ڪيو. جيئن ته جوابدارن غلام رسول ، موريو جلباڻي ، منير جلباڻي ۽ اڻ سڃاتل ماڻهن پوليس ۽ رينجرس جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءَ ڪري دهشت ڦهلائي ڪلاشنڪوفن مان رينجرس جي جوانن مٿان سڌا فائر ڪري خون ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي سندن ماڻهن کي لڳا آهن ۽ اڻ سڃاتل مڙسن رينجرس جي اهلڪارن کي زخمي ڪيو آهي..