شهري ماري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ سان قانون تي رهيل سهيل اعتبار ختم ٿي ويندو: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ماڙي جلباڻي واقعي جي سرڪاري ايف آءِ آر دراصل سرڪار جي بدنيتي پڌري ڪري ڇڏي آهي، هنن طئه ڪري ڇڏيو آهي ته بي ڏوهي  ڳوٺاڻن جي قاتلن کي سرڪاري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ائين پنهنجا شهري ماري مٿن ڪوڙا ڪيس مڙهڻ سان ملڪ واسين جو قانون تان اڳي ئي کڄي ويل ايمان ويتر ختم ٿيندو،صحافي عاجز جمالي لکيو ته ماڙي جلباڻي جي سرڪاري ايف آءِ آر ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر سميت آپريشن ۾ شريڪ سمورن ڪردارن جا نالا شامل آھن. منھنجو خيال آھي ته وڪيل دوست ھنن ڪردارن کي ڪورٽ ۾ گھلي اچن ، ھاڻي معلوم ٿي ويا آھن ان ڪري ، سندن نالا عدالت ذريعي وارثن جي ايف آئي آر ۾ شامل ڪرايا وڃن،مصطفيٰ مهراڻ چيو ته جلباڻي واقعي جو سڄو ڏوهه هڪ اداري/جماعت تي ڏئي ڪري اسان پوليس آفيسرزجي مجرماڻي ڪردار کي ڇوٿاوساريون جن مڪمل سهولتڪاري ڪري سنڌي ڳوٺاڻامارايا،پوليس پارٽي چاهي هاته اهاساٿ ڏيڻ بجائي احتجاجن واپس وڃي سگهي سي آءِ اي نوابشاهه انچارج مقصود مڱڻھار،ٽي ايس ايڇ اوزمريم،طفيل ڀٽو،مجيب ناريجوکي گرفتارڪيووڃي،عرفان عالماڻي لکيو ته سنڌ جي بهادر ۽ قابل وڪيلن جو هڪ گڏيل پينل جُڙڻ گهرجي جيڪو گڏيل صلاح ۽ تياري سان توڙ تائين ڪيس جي پوئواري ڪري ۽ مظلومن کي انصاف ڏياري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.