سڪرنڊ: سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس هٿان بي دردي سان شهيد ٿيندڙ چئن ڄڻن ،ميهار جلباڻي، امام بخش جلباڻي، نظام الدين جلباڻي، سجاول جلباڻي جي ٽيجهي جي موقعي تي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شهيدن جي وارثن تي سرڪار پاران دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ خلاف وارثن ۽ قومپرست اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نالن سميت ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ نعريبازي. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته شهيد ڳوٺاڻن جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي. قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي. ڳوٺاڻن تي داخل ايف آئي آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. جيڪڏهن شهيدن سان انصاف نه ٿيو ته وارثن سان گڏ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد ضياءَ شاهه چيو ته ماڙي جلباڻي جي ماڻهن کي سلام جن ڏاڍ جو ڄمي مقابلو ڪيو. اڄ پوري سنڌ توهان سان گڏ آهي. جيئن ٽنڊي بهاول ۾ مائي جندو جي اولاد کي قتل ڪيو ويو. اهو ساڳيو واقعو ورجايو ويو آهي. مک ميڊيا تي غلط افواهه هلايا پيا وڃن ته ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهاري ماريا آهن. هي بي گناهه ڳوٺاڻا آهن توهان کي مارڻا آهن ته ڏوهاري ماريو. جن ڌرين جي ماڻهن قتل ڪيو آهي. اهي پنهنجي ماڻهن کي پيش ڪن. نفرتن جو ٻج نه ڇٽيو. ان سان وڏو نقصان ٿيندو. ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. جونيئر جي ايم سيد چيو ته سنڌ جي ماڻهن تي هميشه ڏاڍ ۽ جبر ڪيو ويو آهي. بيگناهه ڳوٺاڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي. قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ حالتون بهتري بجائي خرابي وڌنديون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لعل جروار چيو ته جن ڪاميٽي ٺاهي اهي پاڻ هن قتل ۾ ملوث آهن. هي سازش سنڌ جي زمينن تي قبضن جي آهي، ان سازش ۾ پ پ وارا به شامل آهن. اهي سنڌ ۾ رتو ڇاڻ چاهين ٿا. سنڌ جا ماڻهو پاڪستان ٺاهيندڙ آهن اهي دهشتگرد نه ٿا ٿي سگهن. هڪ پيرسن رجب جلباڻي کي خودڪش ڪوٺيو پيو وڃي. افسوس جي ڳالهه آهي. شهيدن جي وارث گل جلباڻي چيو ته هن ڳوٺ هميشه قانون جي پاسداري ڪئي آهي. ڌاڙيلن جي دور ۾ هنن ڳوٺاڻن کي سرڪاري هٿيار ڏنا ويا هئا ته ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ جڏهن به قانون جا رکوالا ايندا هئا ته ڳوٺاڻن کي اڳيان ڪري ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندا هئا. هن چيو ته زين شاهه جس لهڻي جيڪو مسلسل روڊ تي لاشن سان گڏ ويٺو رهيو ۽ شهيدن سان نڀاءَ ڪيو ۽ پ پ وارا منظر عام تان غائب رهيا. جيڪڏهن شهيدن سان انصاف نه ٿيو ته عدالتن جو در کڙڪايو ويندو. شهيدن جي وارث مٺل خان جلباڻي چيو ته شهيد به اسان جا ٿيا ۽ ايف آئي آر به اسان تي داخل ڪئي ويئي. ايف آئي آر ۾ انهن جا نالا آهن جن تي ٻيلي کاتي پاران پهريان ڪاٺين جي چوري جو الزام لڳل هو جنهن جو شهيدن جي وارثن سان ويجهو تعلق ڪونهي.