سڪرنڊ: ماڙي واقعي ۾ زخمي ٿيلن مان ٻه ڄڻا اسپتال مان فارغ ٿي تڏي تي پهتا. زخمي علي نواز جلباڻي ، سارنگ جلباڻي ٻڌايو ته اسان ٻني تان گاهه ڪري موٽياسون ته پوليس ۽ رينجرس گهرن ۾ داخل ٿي سڌيون گوليون هلايون ۽ اسان کي چيو ته هيٺ ويهي رهو ان ۾ اسان کي ٻه ٻه گوليون لڳيون آهن علاج هلندڙ آهي اسان چئون ٿا ته اسان جا ٻچا ڪٺا ويا آهن انهن جي خون سان انصاف ٿئي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي چاڙهيو وڃي.