ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ترقياتي اسڪيمون روڪڻ تي اليڪشن ڪميشن، صوبائي حڪومت سان معاملو اٿارينداسين، جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته عدالت جو رستو به ڄاڻون ٿا.ڪراچي ۾ مڪاني نمائندن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان حڪومت ۾ قانون سازي ڪئي هئي ته ترقياتي رٿائون جاري رهنديون، اسان چاهيون ٿا ته وفاق ۽ صوبن ۾ اسڪيمون جاري رهن، ترقياتي اسڪيمن کي نه روڪيو وڃي، مڪاني نمائندا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. هن چيو ته ڪڏهن ڪو ”نام نهاد“ ٽي وي تي تڪ بندين جو چوندو آهي، ڪڏهن موسم جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ڪو چئي ٿو ته سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، عوام اهڙن ليڊرن کي سڃاڻي ته ڪير چونڊن کان ڀڄي رهيو آهي، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا چونڊن لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي سخت ضرورت آهي، عوام کي پيپلز پارٽي مان اميدون آهن، سڀني بحرانن ۽ مسئلن جو حل پ پ جي منشور ۾ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاشري ۾ نفرت جي سياست آهي، پ پ چاهي ٿي ته چونڊون ٿين ۽ اڄ ٿين، تڪ بنديون ٿي ويون، هاڻ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ گهرجي، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. پ پ چيئرمين مڪاني نمائندن کي هدايت ڪئي ته عوام جي مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي، ڪرپشن برداشت نه ڪندس، ڪرپشن سان عوام جو نقصان ٿيندو آهي.