وڏي وزير جي انڪوائري ڪميٽي اڳواٽ اطلاع باوجود نه پهتي

سڪرنڊ: وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل انڪوائري ڪاميٽي ڳوٺ ماڙي جلباڻي شهيدن جي  وارثن سان ملڻ لاءِ اچڻي هئي پر سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود سندن بيان وٺڻ نه پهتي. وارثن مٺل جلباڻي ۽ گل جلباڻي ٻڌايو ته اسان کي ماڙي جلباڻي پوليس صبح ٻڌايو ته  توهان جا بيان ڳوٺ ۾ قلمبند ڪيا ويندا ۽ جوڙيل ٽيم ڳوٺ پهچندي ۽ جاءِ واردات ڏسندي ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ واقعي جا تفصيل وٺندي. پر سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود ٽيم نه پهتي. شهيدن جي ڪيس ۾ فريادي راهب جلباڻي ٻڌايو ته شهيد به اسان جا جوان  ٿيا آهن ۽ ڪيس به سرڪار پاران اسان مٿان داخل ڪئي وئي آهي ڏک جي ڳالهه آهي. پهريان ايس پي چيو پئي ته مون کي خبر ئي ناهي هاڻ ايف آئي آر ۾ لکيو ويو آهي ته ايس ايس پي جي اجازت سان نوابشاهه جي پوليس ۽ رينجرس گڏجي ڪارروائي ڪئي آهي سندن ڪوڙ اتي ئي پڌرو ٿي پيو آهي.

آپريشن جو پوليس عملدارن تي به ڪيس داخل ٿيل

سڪرنڊ: ياد رهي ته ماڙي جلباڻي واري واقعي جو ڪيس نامعلوم پوليس عملدارن ۽  ٻين تي اڳ ئي داخل ٿيل آهي پر هن ڪيس ۾ پوليس ۽ رينجرس ڄاڻايو آهي ته چار ڳوٺاڻن کي رينجرس  ۽ پوليس نه پر پنهنجن ئي ڳوٺاڻن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته ڳوٺاڻن جي قتل واري ايف آئي آر نمبر 39 کان اڳ ئي اڄ ظاهر ڪيل ايف آئي آر 38 داخل ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.