ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته سيد امير علي ڄاموٽ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو، هو پارٽي جو اثاثو هو، مرحوم پنهنجي تڪ ۽ پارٽي لاءِ خدمتن کي ڪڏهن فراموش نه ڪيون وينديون. بلاول ڀٽو زرداري دعا ڪئي ته الله تعالي سيد امير علي ڄاموٽ مرحوم جي مغفرت ۽ جنت الفردوس ۾ اعلي جاءِ عطافرمائي. هن چيو ته سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعالي انهن کي صبر جميل عطافرمائي.
ليفٽيننٽ جنرل منير افسر نادرا چيئرمين مقرر
اسلام آباد(م ڊ) ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل منير آفيسر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر آهي. نادرا جي چيئرمين جي مقرري لاءِ پينل اڳ ئي نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليو ويو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ نادرا جي نئين چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزارت نادرا جي نئين چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن بابت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان رپورٽ طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦليوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 6 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهروکاتو سميت ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت لاڳاپيل ادارن کان چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، 15سالن جو طارق خان گذريل ست سالن کان گم آهي جڏهن ته خرم ڪاظمي، حيات علي، حسن مگسي، پيار علي ۽ علي حسن به ڊگهي وقت کان گم آهي، عدالت پوليس کي گم ٿيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ وڃڻ کان روڪيو ويو
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير ٻڌايو ته حڪومت سندس پرڏيهه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل مان آزادي جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کيس سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ طبي سار سنڀال لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته 78 ورهين جي پيرسن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ سياسي انتقام آهي.
ڄام اويس جي نااهلي بابت اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ناظم جوکي ڪيس ۾ مرڪزي جوابدارڄام اويس کي نااهل قرار ڏيڻ جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي آهي، اويس جي پاران ايڊووڪيٽ وزير کوسو پيش ٿيو، هن جو چوڻ هو ته اسمبيلي ختم ٿيڻ کانپوءِ هي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي، ٺاهه ڪرڻ ڏوهه نه آهي، عدالت درخواست 8نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، ديت ڏيڻ جو مطلب جوابدار قتل ڪيو آهي.
جنوري ۾ چونڊن تي رڳو فضل الرحمان کي اعتراض آهي: يوسف رضا گيلاني
ملتان(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي سينيئر وائس چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان افغان پناهگيرن کي سندن ملڪ ڏانهن واپس موڪلڻ جي حق ۾ آهيون، افغانستان جا 35 لک پناهگيرن اڃا هتي موجود آهن ۽ کين هر طرح جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف سياستدان آهي، هر سياستدان لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ هئڻ گهرجي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنوريءَ ۾ چونڊن جي حوالي سان صرف مولانا فضل الرحمان اعتراض اُٿاريو آهي باقي ڪنهن پارٽيءَ کي اعتراض ناهي.
پردي پٺيان حڪمران ٻيا، سياستدان نشاني تي هوندا آهن: فضل الرحمان
خوشاب(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پردي پٺيان ڪو ٻيو هوندو آهي پر سياستدان هميشه عوام جي نشاني تي هوندا آهن.خوشاب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته قوم کي ٻڌائڻو آهي ته بس ٿي ويو، هاڻي ووٽ جو فيصلو نئين زاويي کان ڪرڻو پوندو، مذهبي قدرن ۽ ثقافت جو احترام مٿان کان ٿيڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي ادارن جو سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ پاڪستان تي آهي، هر چند مهينن کانپوءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نئون معاهدو ڪري رهيو آهي.
بشريٰ بي بي عمران خان کي جيل ۾ زهر ملڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري مڙس جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. بشريٰ بي بي لطيف کوسي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، قانون واري وزارت جي سيڪريٽريز، آءِ جي جيل، سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل، ڊي جي انٽيليجنس بيورو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ خوراڪ ذريعي زهر ڏئي سگهجي ٿو ان لاءِ امڪان آهي ته منهنجي مڙس کي جيل ۾ ماني ذريعي زهر ڏنو ويندو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منهنجي مڙس کي جيل مينوئل موجب اهي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن جنهن جو هو حقدار آهي. مڙس سان جيل ۾ غير انساني سلوڪ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 جي ڀڃڪڙي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ واڪ ۽ ايڪسرسائيز جي سهوليت ڏني وڃي. کيس گهر جي ماني جي به اجازت نه ڏني وئي آهي جيڪا ماضي ۾ قيدين کي سهوليت ڏني وئي.
اسمگلنگ ۾ ملوث اهلڪارن جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي: فيصل واوڊا
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته مون چيو هو ته 5 هزار ماڻهن کي لٽڪايو ته ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو، اسمگلنگ ۾ ملوث اهلڪارن جو ڪورٽ مارشل ۽ ڦاسي جي سزا به هئڻ گهرجي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي نٿو ڊيڄاري سگهجي،انهن سان ميز تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڪاروباري ماڻهو چئي رهيا آهن ته ملڪ ڇڏي هليا ويندا، آرمي چيف پاڪستان جو هيرو آهي، هن جو ڊالر جو ريٽ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن چيو ته ن ليگ پهرين جنرل باجوا جي احتساب جو بيانيو ڏنو پوءِ ريورس گيئر لڳي ويو، نوازشريف واپسي جي تاريخ اڳتي وڌائي ته بهتر ٿيندو، 6 ايڪسپائرڊ اڳواڻن مان جان ڇڏرائڻي پوندي، ن ليگ جي اڳواڻ عابد شير علي چيو ته جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد جو احتساب انهن جي اداري کي ڪرڻو آهي، ملڪ کي زخم ڏيندڙن کان ادارن کي پڇاڻو ڪرڻ گهرجي،