شڪارپور:بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان 6 ڪروڙ 22 لک 40 هزار ڏنڊ

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ۾ بجاراڻي تيغاڻي تڪرار جو فيصلوجتوئي ھائوس تي 26 سال پراڻي خوني تڪرار جو فيصلو ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، فيصلي  ۾ سردار ميرمحبوب علي خان بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي،سردار تيغو خان تيغاڻي، غوث بخش خان مھر، شھريار خان مھر،معظم عباسي، رياض چانڊيو، عبدالنبي تيغاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، خوني تڪرار جي فيصلي ۾ مجموعي طور ٻنھي ڌرين مٿان 46 خون ثابت ٿيا، ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ 22 لک 40 ھزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، بجاراڻي ڌر جا تيغاڻي ڌر مٿان 23 خون 40 زخمي ثابت ٿيا، تيغاڻي ڌر جا بجاراڻي ڌر مٿان 21 خون 30 زخمي ثابت ٿيا، جھيڙي ۾ ھڪ واٽھڙو ملڪ برداري جي عورت ۽ ميراڻي برادري جي نوجوان جو قتل به فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين مٿان ثابت ٿيو، بجاراڻي ڌر تي 21 خونن جا 2 ڪروڙ 72 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تيغاڻي ڌر مٿان 23 خون ثابت ٿيڻ تي 2 ڪروڙ 99 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آھي فيصلي ۾ في خون بھا 10 لک رپيا مقرر ڪئي وئي عورت جي قتل جي في خون بھا 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، تيغاڻي سردارن جي گاڏي مٿان حملي جو ڏنڊ بجاراڻين مٿان 50 لک رپيا الڳ سان رکيو ويو، واٽھڙو عورت ۽ واٽھڙو نوجوان جي قتل جو ڏنڊ ٻئي ڌريون اڌو اڌ ڀرينديون فيصلي ۾ تڪراري زمين جي ورڇ لاء ٻنھي ڌرين مان ھڪ ھڪ امين چونڊيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.