پني عاقل ويجهو مقابلو، بدنام ڌاڙيل سانول کي مارڻ جي دعويٰ

سکر/ پنوعاقل (نمائندن وٽان) پني عاقل ٿاڻي جي حد ڊپٽي جو باغ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ بين الصوبائي  گينگ جو مک مددگار ساٿي سانول سکاڻي مارجي ويو، سکر پوليس ترجمان موجب مارجي ويل خطرناڪ ڌاڙيل سانول سکاڻي جيڪو علائقي ۾ دهشت جي علامت سمجهيو ويندو هو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ 11 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو، مارجي ويل گينگ جو اهم آپريٽو ۽ ڪمانڊر به ھو، هو سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اغوا، ڀنگ، دهشتگردي، پوليس حملن، هاءِ وي تي ڦرلٽ، قتل، قتل جي ڪوشش، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ سميت ڪيترن ئي سنگين واقعن ۾ گهربل هو، مارجي ويل جوابدارن جي ڏوهن جي رڪارڊ بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.