سنڌ جي روينيو کاتي ۾ ”سسٽم“ جو خاتمو ڪيو وڃي:محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي ٽي رڪني وفد  سنڌ جي صوبائي وزير براءِ روينيو ۽ ڪامرس محمد يونس ڍاڳا سان سندس آفس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾  ملاقات ڪئي. جماعت اسلامي جي وفد کيس روينيو کاتي ۾ ڪرپشن جي ڀرمار خاص طور زمينن جا جعلي کاتا ٺاھڻ،جعلي سوسائٽين ذريعي ماڻھن کان ڦر مار، مختيار ڪار ۽ تپيدار سسٽم ذريعي سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي گهر ڪئي ته کاتي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اثرائتا اپاءُ کنيا وڃن.ڪنھن به آفيسر کي وڌ کان وڌ ٽي سال کان وڌيڪ سيٽ تي ھر گز ويھڻ نه ڏنو وڃي ان لاءِ ضروري آھي ته سنڌ ۾ جاري "سسٽم” ۽ ڪرپٽ عملداران کان عوام کي نجات ملي سگهي. ي صوبائي وزير يقين ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو ته جيسيتائين آھيون وس آهر سنڌ جي تعمير ۽ ترقي توڙي کاتي جا مسئلا حل ۽ عوام جي لاءِ آسانيو پيدا ڪري سنڌ ۾ جاري "سسٽم” سميت جڙتونظام ختم ڪيو ويندو. وفد ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد مسلم ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا پڻ شامل ھئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.