لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وياج جو نظام معاشي تباهي جي پاڙ آهي، گذريل حڪومتن وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ خود انحصاريءَ بدران معيشت کي پرڏيهي قرضن تي هلايو، سستي بجلي پيدا ڪرڻ بدران عوام جي مٿان بجلي ڪيرائي وئي ۽ مهانگائي ڪئي وئي حڪمران پارٽيون معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ نه پر ڪرپشن ۾ مقابلا ڪري رهيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ تاجرن کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ۽ جمهوريت يرغمال بڻيل آهي جن وٽ ناجائز ۽ حرام جي دولت آهي اهي پولنگ عملي کي خريد ڪري اليڪشن کٽيندا آهن چونڊجڻ جو مقصد ذاتي مفادن جو تحفظ ۽ پروٽوڪول حاصل ڪرڻ هوندو آهي، معاشي ترقي کانسواءِ ملڪ ڪنهن به طرح ترقي نه ڪري سگهندو، پاڙيسري ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن اسان جا ماڻهو اٽي جي قطار ۾ بيٺا آهن، جماعت اسلامي متناسب نمائندگيءَ تحت چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ته جيئن پيشه ور مهارت رکندڙ ماڻهو اڳتي اچن.